شوڪت ترين جو سياست ۽ پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان

اسلام آباد ( م ڊ )  اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين به سياست ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اڳوڻي ناڻي  واري وزير شوڪت ترين سينيٽ جي سيٽ ڇڏي ڏني. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شوڪت ترين پارٽي ۽ سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏيڻ جي تصديق ڪئي. شوڪت ترين پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ ناڻي وارو وزير هو. شوڪت ترين 2008ع کان 2010ع تائين يوسف رضا گيلاني ڪابينا ۾ ناڻي وارو وزير پڻ رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.