توشه خانا اسڪينڊل، نيب پاران بشريٰ بي بي کي پيش ٿيڻ جو آخري موقعو

اسلام آباد ( م ڊ ) قومي احتساب بيورو (نيب) توشه خانا تحفن جي غيرقانوني وڪري جي جاچ ڪري رهيو آهي. نيب اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي کي پيش ٿيڻ جو آخري موقعو ڏئي ڇڏيو آهي. نيب بشريٰ بي بي کي 11 ڊسمبر تي فائنل ڪال اپ نوٽيس جاري ڪيو، نوٽيس ۾ بشريٰ بي بي کي صبح 10 وڳي پيش ٿيڻ جو چيو ويو آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن پي ٽي آءِ جو باني وزيراعظم هو ته اوهان کي پرڏيهي شخصيتن کان تحفا مليا، پرڏيهي شخصيتن اوهان کي لکين رپين جا تحفا ڏنا. نوٽيس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته توهان کي 2019 ۾ لاڪيٽ، ڪنگڻ، 2020 ۾ هار، ڪنگڻ، منڊري ۽ ڪن جون واليون مليون. نيب نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته 2021ع ۾ هار، ڪن جون واليون، منڊي۽ واچون مليون.

ذوالفقار ڀٽو جي ڦاهي خلاف ريفرنس،  بلاول جا وڪيلن سان مشورا

اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي خلاف صدارتي ريفرنس جي معاملي تي  بلاول ڀٽو سرگرم ٿي ويو. ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پارٽي جي سينيئر وڪيلن جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ پ پ لائرز فورم جي چئني صوبن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر رضا رباني ۽ پارٽي سيڪريٽري جنرل سيد نيئر بخاري پڻ موجود هئا. ذريعن موجب اجلاس ۾ 12 ڊسمبر تي سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 12 ڊسمبر تي پ پ جي سينيئر قيادت پنهنجي وڪيلن سميت سپريم ڪورٽ ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.