سرڪاري اسڪولن ۾ ٻار پٽ تي ويهي پڙهن پيا، ڪروڙن جي بجيٽ ڪاڏي ٿي وڃي:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سنگل بينچ صوبي ۾ سرڪاري اسڪولن جي فرنيچر جي مد ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ ۽ اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ٻيون سهولتون فراھم نه ڪرڻ واري  معاملي تي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سيڪريٽري ايجوڪيشن صوبي جي سمورن ڊائريڪٽرن، ڊي اي اوز، ٽي اي اوز ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي ٻن ھفتن اندر رپورٽ سميت طلب ڪري ورتو آهي، عدالت حڪم نامي ۾ چيو ته گذريل 10 سالن دوران فرنيچر جي مد ۾ ٺيڪا ڏيڻ ۽ اسڪولن ۾ فراھم ڪيل فرنيچر بابت ھيڊ ماسترز، ٽي اي اوز بابت سيڪريٽري تعليم رپورٽ جمع ڪرائن، 10سالن دوران سرڪاري اسڪولن جا ٻار فرش تي ويھي تعليم حاصل ڪري رھيا آھن، نه ڪو فرنيچر آھي نه واش روم آھن، ڪروڙين رپين جو بجيٽ ڪيڏانھن وڃي ٿو، تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي، عدالت جو لکت ۾ چوڻ هو ته ميرپورخاص، حيدرآباد، سکر لاڙڪاڻي ڪراچي سميت صوبي جي سمورن اسڪولن ۾ فراھم ٿيل فرنيچر جو رڪارڊ ۽ ڪنھن ڪنھن کي ٺيڪا ڏنا ويا آھن ان بابت به رپورٽ پيش ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت جي ذميواري آھي ته ھو اسڪولن ۾ فرنيچر سميت سموريون سهولتون فراھم ڪري، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ميرپورخاص جي ڊائريڪٽر ۽ ڊي اي اوز کي سمورن بند ٿيل اسڪولن جي کوٽ بابت پيش ٿي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ لکيو  ته  سنڌ سرڪار جي وڪيل ھڪ مھيني جي مھلت طلب ڪئي هئي پر اسان ھڪ مھيني جي مھلت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيوآهي .عدالت ٻن ھفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.