مُلڪ کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ جا ذميوار اسين پاڻ آهيون

تحرير: سڪندر چنو

ڪو وقت هو جڏهن اڄ جو ترقي يافته ملڪ جاپان، ڪوريا ۽ سنگاپور ترقي ڪرڻ لاءِ پنج سالن جو معاشي پلان پاڪستان کان سکيو هيو. جيڪي ملڪ ترقي ڪرڻ لاءِ پاڪستان کان سکيا وٺندا هئا اڄ اهي ملڪ، دنيا جا معاشي ميدان به پاڻ مڃرائي رهيا آهن ۽ جنهن کان سکيا وٺندا هئا اهو پيارو پاڪستان انهن جي آڏو ڪستو کڻي وڃي پني ٿو. آخرڪار پاڪستان جي تباهي جو ذميوار ڪير آهي؟ اهڙو ڪهڙو ڪارو طوفان آيو جو پاڪستان معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو ويو؟

عام راءِ اها آهي ته پاڪستان معاشي طور 1977 کان پوءِ ٻڏڻ شروع ڪيو جڏهن جنرل ضياء هڪ چونڊيل وزيراعظم کي ڪال ڪوٺهيءَ ۾ بند ڪري غير قانوني ڦاهي تي چاڙهيو. جنرل ضياءِ جي اقتدار تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ملڪ معاشي طور ٽائيٽنڪ جهاز جيان آهستي آهستي ٻڏڻ شروع ڪيو، پي ڊي ايم جي 16 مهينن دوران شهباز شريف هوندي مڪمل طور ٻڏي ويو ۽ پاڪستان جو عوام به معاشي بدحالي سبب ٻڏي ويو. ايتري قدر ٻڏي ويو جو ملڪي خزاني ۾ نيٽ ڪيش 4 ارب ڊالر وڃي بچيا. پاڪستان جي ڪرنسي سري لنڪا کان به بدتر ٿي ويئي هئي. ڀارت وٽ ان وقت نيٽ ڪيش 600 ارب ڊالر ۽ پاڪستان ايمٽي ملڪ وٽ 4 چار ارب ڊالر.

پاڪستان کي ڄاڻي واڻي حڪمرانن ۽ اشرافيا ناڪام رياست طرف هٿ ڌڪيو آهي. پاڪستان ۾ اڪثر گاڏيون جاپان، ڪوريا ۽ سنگاپور جون استعمال ٿي رهيون آهن. دنيا جا اڪثر ملڪ اڄ ڪلهه چين جون پراڊڪٽ خريد ڪرڻ لاءِ بي چين آهن ۽ پاڪستان ۾ چين جي پراڊڪٽ کي بدنام ڪيو ويو آهي. ان جا به ڪيترائي سبب آهن. پاڪستان جا واپاري چيني ڪمپينين کي ٻئي نمبر مال جو آرڊر ڏين ٿا جيڪو پائيداري جي لحاظ کان نفرت جوڳو هجي ٿو. پوءِ ان جي پائيداري تي آڱريون کڄنديون آهن ۽ ائين ماڻهون چين جي ٺاهيل پراڊڪٽ کان نفرت ڪن ٿا. پاڪستان جا حڪمران ۽ اشرافيا پاڪستان کي لٽڻ لاءِ هميشه بي قرار ڏسڻ ۾ اچن  ٿا.

پاڪستان ماضيءَ ۾ جتي بيٺل هيو هاڻي اتي بيٺل ڪونهي. آخرڪار پاڪستان جاپان،  ڪوريا ۽ سنگاپور ڇو نه بڻجي سگهيو؟ اڄ دبئي دنيا لاءِ معاشي حب آهي. دنيا جا اڪثر وڏا ٽائيڪون دبئي ۾ انويسٽمينٽ ڪرڻ لاءِ مجبور آهن. دنيا جا ملڪ پاڪستان مان جان ڇڏائڻ لاءِ بي قرار آهن. دنيا کي خبر آهي ته ڪافي سال پهريان دبئي صرف ريگستان ۽ ٿر وارياسو علائقو هيو. جنهن ۾ ڊڀ ۽ جهاڙيون هيون اٺن ۽ ٻڪرين کان سواءِ ڪجهه به نه هيو. اڄ دبئي ڇا آهي؟ جڏهن ته دبئي مان تيل به ڪونه ٿو نڪري نه وري سون سميت ڪي ٻيا قدرتي وسيلا آهن. ايتري قدر جو دبئي کي پاڪستان جيان جر جو مٺو پاڻي پيئڻ لاءِ به ميسر ڪونهي. دبئي سمنڊ مان کارو پاڻي صاف ڪري استعمال ڪري ٿو. پاڪستان وٽ قدرتي وسيلا، سنڌ ۾ ٿر جو ڪوئلو جنهن مان بجلي ٺهي ٿي. بلوچستان ۾ سون جا جبل، قمبر شهدادڪوٽ ويجهو گڙتل جبل مان يورنيم نڪري ٿو جيڪو تمام مهانگو آهي. ۽ ان کان علاوه گڙتل جبل مان ڪچو تيل روزانو لکين ليٽر ڪڍيو وڃي ٿو جيڪو صاف ٿيڻ لاءِ پاڪستان جي رفائنري ۾ موڪليو وڃي ٿو. ان کان علاوه پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏا گئس جا ذخيرا، پيٽرول اسان وٽ، ڪاپر سرحد ۾ نڪتي آهي جنهن جي قيمت 600 ٽريلن ڊالر آهي. لوهه جا ذخيرا پاڪستان وٽ. زرعي ملڪ پاڪستان ڀاڄين ۽ ميون ۾ خودڪفيل ته پوءِ پاڪستان اڃان به دنيا آڏو ڪستو کڻي پندو رهي ته پوءِ کڻي سمجهي ته پاڪستان جي حڪمرانن ۽ اشرافيا مٿان الله پاڪ جي ناراضگي آهي. هن وقت پاڪستان ٻنهي ڄنگهن کان لولو لنگڙو آهي. جنهن کي وقت ملي ٿو. پاڪستان مان ڪرپشن ڪري ادارن کي لٽي ڦري ٻاهر دنيا ۾ ملڪيتون خريد ڪري ٿو. هاڻي چوٿون ڀيرو نواز شريف کي وزيراعظم بڻايو وڃي ٿو. وري پنجن سالن کان پوءِ مطالبو ٿيندو ته شهباز شريف يا مريم نواز کي وزيراعظم بڻائڻ جو ارادو ڏيکاريو وڃي. آخرڪار ڪيستائين؟ سنڌ به ڪو ماڊل صوبو ناهي. البته جيترو ترقياتي ڪم ٿيڻ گهرجي ها اهو ڪونه ٿيو. هاڻي چيو وڃي ٿو ته افغانستان پاڪستان کي تباهه ڪيو آهي. ۽ ڪوريا. جاپان، سنگاپور ۽ دبئي ويجهو افغانستان ڪونهي ان ڪري انهن ملڪن ترقي ڪئي آهي. ٻڌايو وڃي ته پاڪستان ۾ غير قانوني افغانين کي رهڻ جي اجازت ڪنهن ڏني؟ ان ۾ به اسان جي سياستدانن ۽ اشرافيا جون ڪوتاهيون آهن جن جا نتيجا اسين اڄ ڀوڳي رهيا آهيون.

پر سوال اهو به آهي ته 1960 واري ڏهاڪي ۾ اهيو ئي افغانستان اسان جو پاڙيسري هيو پوءِ پاڪستان ترقي ڇو ڪري رهيو هيو؟ اسان کي پنهنجيون غلطيون ڏسڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن. اسين ملڪ ۾ ڪنهن به اداري کي بخشيو آهي؟ ادارن کي لٽي ڦري تباهه ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن کان جيڪو قرض ورتو وڃي ٿو ان ۾ به ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي. پي ڊي ايم 16 مهينن جي حڪومت ۾ واڳ ڌڻين اربن جي ڪرپشن ڪئي. نيٺ ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ جي ڪنڌي تي آندو ويو. پاڪستان جي ايئرلائين PIA نيٺ تباهه ۽ برباد ٿي ويئي. موهن جو دڙو، جتي روزانو دنيا جا سياح اچن ٿا جهاز جي سهولت نه هجڻ سبب سياهه پريشان ٿين  ٿا. حيدرآباد، نواب شاهه ۽ سيهوڻ جا ايئرپورٽ بند آهن. ڀارت ڏينهون ڏينهن پنهنجي ملڪ ۾ ايئرپورٽن جو ڄار وڇائي رهيو آهي. پاڪستان ڏينهون ڏينهن تباهي طرف وڌي رهيو آهي. ذميوار ڪير آ. عوام، سياستدان يا اشرافيا؟ جن ملڪن ترقي ڪئي آهي انهن پنهنجو پاڻ کي مذهبي انارڪي کان بچائي ترقي ڪئي آهي.

عقيدي سان سرشار ڪابه پارٽي سنگاپور، ڪوريا، يا دبئي ۾ ڪانهي. پاڪستان کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي. دبئي جي 95 سيڪڙو آبادي مسلمانن جي آهي. پر مذهب جو رياست جي ڪمن ڪارين سان ڪوبه تعلق دخل نه هوندو آهي. پاڪستان ۾ مذهب جي نالي تي بليڪ ميلنگ ڪئي پئي وڃي. هڪ ڀيري پاڪستان جي هڪ مذهبي جماعت جو اجلاس دبئي ۾ ڪوٺايو ويو. دبئي حڪومت انهن کي جهاز ۾ واپس ڪري پاڪستان موڪلي ڇڏيو. دبئي حڪومت انهن مولوين کي چيو ته هن نموني جهڙا اجلاس پنهنجي ملڪ وڃي ڪوٺايو. هتي اهڙن اجلاسن جي ڪابه گنجائش ناهي. ڀارت جاگيرداري نظام کي ختم ڪيو.

ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ زرعي انقلاب آندو ۽ هارين ۽ آبادگارن کي مختلف سهولتون ڏنيون ويون. پاڪستان ۾ بليڪ مارڪيٽنگ، ڀاڻ هارين جي پهچ کان پري آهي. ٻج مهانگا، زرعي پاڻي مهانگو، ملڪ کي ترقي واري پٽڙي تي پهچڻ کان پهرين ئي ڪيرايو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ غريب هارين جي لاءِ تعليم پرائڻ حرام آهي. نجي جيلن ۾ اڄ به ڪيئي خاندان واڙيل آهن. ۽ انصاف جي اوسيئڙي ۾ زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن. غريب جيڪڏهن پنهنجا حق گهري ٿو ته انهن کي خونخوار ڪتن آڏو اڇليو وڃي ٿو. هر ملڪ کي پوليس ۽ بيوروڪريسي هلائيندي آهي. ملڪ ۾ سياست جي تلوار سان بيورو ڪريسي کي بيوس ڪيو ويو آهي. جيڪو آفيسر حڪم نه ٿو مڃي ان کي نظرن کان ئي اوجهل رکيو ويندو آهي. مفاد پرست بيورو ڪريسي ملڪ کي معاشي طور ترقي ڪرڻ ئي ناهي ڏني. جاپان، دبئي، ڪوريا ۽ سنگاپور جا حڪمران پاڪستان جي حڪمرانن جيان لالچ ۽ پيسي جا بکيا ناهن. آخرڪار هي ڪرپشن وسيلي حاصل ڪيل ارب روپيا ڪم ڪهڙي جا جنهن سا ذهني ۽ جسماني نفسياتي سڪون برباد ٿيندو هجي؟ پنهنجي رهئاش کان وڌيڪ جائداد به ڪهڙي ڪم جي آ؟ خدا جي نبي حضرت عيسيٰ عليه السلام کي رهڻ لاءِ ننڍڙي ڪچي ڪوٺي به ڪونه هئي ته پوءِ هي سڀ ٺاٺ ٺانگر ڪهڙي ڪم جا؟

پاڪستان جا سياستدان هڪ هفتو ملڪ ۾ ته چار هفتا لنڊن ۾ هوندا آهن. اهو ملڪ ڪڏهن به ترقي ڪونه ڪري سگهندو جن جي دولت سمنڊ ۾ ترندي هجي. جنهن ملڪ جو عوام پاڻي، بجلي، گئس  ۽ اٽي لٽي کان محروم هجي. پاڪستان ۾ لاقانونيت آهي. ٻين ملڪن ۾ قانون آهي. ٻين ملڪن ۾ غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ اتان جا حڪمران وڏا وڏا منصوبا جوڙيندا آهن. پاڪستان ۾ غريب جي جان تي پهريل ڪپڙا لاهڻ لاءِ منصوبا جوڙيا ويندا آهن. هتي ڪوڙ ۽ ٺڳي آهي. اسين احمق ڪالم نويس به اهڙن ملڪن جو مثال ڇو ٿا ڏيون جن جي پاڇي ۾ رهڻ لاءِ هميشه سوچن ۾ گم آهيون. اسان جي بک، بدحالي ۽ افلاس جو اهيو عالم آهي جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ هن وقت چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ پريشان آهي. ٽن ڀيرن ۾ ملڪ کي خوشحال نه ڪري سگهيو هاڻي چوٿون ڀيرو ڇا ڪندو؟ اسان کي ڪوريا، سنگاپور، جاپان ۽ دبئي ٿيڻ لاءِ 50 سال ايمانداري وارا سياستدان گهرجن. ته پوءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن هاڻي به ملڪ کي نه سنڀاليو ويو ته پوءِ شايد ڪڏهن به نه سنڀالجي سگهي.

عام راءِ اها آهي ته پاڪستان معاشي طور 1977 کان پوءِ ٻڏڻ شروع ڪيو جڏهن جنرل ضياء هڪ چونڊيل وزيراعظم کي ڪال ڪوٺهيءَ ۾ بند ڪري غير قانوني ڦاهي تي چاڙهيو. جنرل ضياءِ جي اقتدار تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ ملڪ معاشي طور ٽائيٽنڪ جهاز جيان آهستي آهستي ٻڏڻ شروع ڪيو، پي ڊي ايم جي 16 مهينن دوران شهباز شريف هوندي مڪمل طور ٻڏي ويو ۽ پاڪستان جو عوام به معاشي بدحالي سبب ٻڏي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.