پاڪستان تحريڪ انصاف جون تڪراري بڻجي ويل چونڊون

تحرير: يوسف سيف

پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ پارٽي جي اندر چونڊن جو عمل تھ مڪمل ڪري ورتو آھي پر ميڊيا ۾ پي ٽي آءِ ،جي ھڪ پراڻي اڳواڻ اڪبر ايس بابر ۽ پلڊاٽ جي اڳواڻ چونڊن جي عمل کي تڪراري قرار ڏئي ڇڏيو آھي. 2 ڊسمبر تي انٽرا پارٽي جي چونڊن ۾ بئريسٽر گوهر علي خان بنا مقابلي پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين چونڊجي ويو آھي.تحريڪ انصاف جي رجسٽرڊ ووٽرن  نئين چيئرمين جي چونڊ ڪئي.

پارٽي جي چونڊ عمل جي نگراني ڪندڙ چيف اليڪشن ڪمشنر نياز الله نيازي جو چوڻ آهي ته بئرسٽر گوھر علي چيئرمين ۽ عمر ايوب کي پي ٽي آءِ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو آهي.جڏھن تھ ان کان علاوه علي امين گنڊاپور تحريڪ انصاف خيبرپختونخواهه جو صدر، ياسمين راشد پنجاب جي صدر چونڊجي وئي آهي.گوهر خان چيئرمين چونڊجڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته اڳوڻو چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جدوجهد جي ڪري جيل ۾ آهي، منهنجو پينل اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جو نامزد ڪيل پينل هو، اسان جي اڌ کان وڌيڪ قيادت جيلن ۾ آهي.

عسڪري ادارن سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي هلندڙ ڇڪتاڻ بابت ھڪ سوال جي جواب ۾ نئين چيئرمن جو چوڻ ھو تھ پي ٽي آءِ ڪنهن سان به جهيڙو نه ڪندي.ٻئي طرف ميديا سان ڳالهائيندي اڪبر ايس بابر چيو ته ھو، پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊن کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪندو.هن جو چوڻ ھو  ته پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ بي ضابطگين جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي ويندي.اڪبر ايس بابر دعويٰ ڪئي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اسان پي ٽي آءِ جو حصو ۽ باني اڳواڻ آهيون.ٻئي پاسي ميڊيا سان ڳالھائيندي علي محمد خان  اعتراف ڪيو ته عثمان بوزدار اميدن تي پورو لهي نه سگهيو، پي ٽي آءِ جي نامزد چيئرمين کي عثمان بوزدار سان نه ملايو وڃي.

هن چيو ته بئريسٽر گوهر علي خان عبوري دور لاءِ پي ٽي آءِ چيئرمين هوندو پر ان دوران کيس بااختيار بڻايو ويندو ۽ هو فيصلا ڪندو.علي محمد خان چيو ته سندس اباڻي ڳوٺ کي سندس تڪ مان ڪڍيو ويو آهي، ڇا اليڪشن ڪميشن ان کي ليول پلينگ فيلڊ سمجهي ٿي؟ھوڏانھن پاڪستان ۾ جمهوريت جي واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري اين جي او پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي (PLDAT) جي سربراهه احمد بلال محبوب پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي تڪراري قرار ڏنو آهي.اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي پي ٽي آءِ چونڊن ۾ بيٽ جو نشان حاصل ڪرڻ لاءِ انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون ويون آھن، جنهن ۾ عمران خان پاران نامزد ڪيل پينل چونڊون کٽي ورتيون.

ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني اڳواڻ اڪبر ايس بابر هڪ ڀيرو ٻيهر پارٽي چونڊن تي خدشن جو اظهار ڪندي پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پنھنجو ردعمل ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ سياسي پارٽيون آزاد ۽ منصفاڻي چونڊن جي ڳالهه ڪن ٿيون پر سياسي پارٽين جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ شفافيت ناهي.

اھڙي ريت احمد بلال محبوب جو چوڻ ھو تھ مان نٿو سمجهان ته انٽرا پارٽي اليڪشن سٺي نموني ٿي، تڪڙي چونڊون ڪرائڻ پي ٽي آءِ جي حق ۾ ناهي، مان سمجهان ٿو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون تڪراري آهن.هن چيو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ ووٽر لسٽ نه ڏني وئي، اڪبر ايس بابر کي وڙهڻ جو پورو موقعو ڏنو وڃي ها.پاڪستان تحريڪ انصاف  جي قيادت جيل ۾ ھئڻ ڪري پارٽي ھن وقت ڏکين حالتن مان گذري رھي آھي.تازو اليڪشن ڪميشن  پاران ڏنل حڪم بعد پارٽي جي اندر چونڊن جي عمل کان اڳ تيز تر ٿيل سرگرمين سان ملڪي ميڊيا ۾ پارٽي جي اندر اختلافن تي بحث جاري آھي.

سمجھيو پيو وڃي تھ ھن وقت ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ مقبول ٿي ويندڙ جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف 9 مئي جي واقعي بعد نھ رڳو پنھنجي پوزيشن بھتر نھ ڪري سگھي آھي پر ان بعد ھر گذرندڙ ڏينھن ھن جماعت کي مشڪل ۾ وجھندو رھي ٿو.تازو انٽرا پارٽي چونڊن جي لاءِ اوچتو اعلان ڪيو ويو تھ بئرسٽر گوھر علي کي پارٽي جي چيئرمين پنھنجو نمائندو مقرر ڪيو آھي.اھڙي اعلان تي مبصرن کي گھڻي حيرت ٿي،اھو چيو ويو تھ ھڪ سياسي پارٽي جي قيادت ھڪ گھٽ شھرت رکندڙ ۽ سياسي ميدان ۾ اڻتجربيڪار شخص حوالي ڪئي وئي آھي.ان بابت اھو بھ چيو پئي ويو تھ پاڪستان تحريڪ انصاف ھاڻي پارٽي جي اندر وڪيل برادري کي اڳيان آڻڻ چاھي ٿي.خيال ڪيو پيو وڃي تھ چونڊن دوران ڪنھن دٻاءَ کي منھن ڏيڻ جي لاءِ پارٽي سان لاڳاپيل وڪيلن کي اڳيان آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.

ٻئي پاسي پارٽي اڳواڻ تي مٿس ڪيسن ھئڻ  ڪري  جيل ۾ بند آھي.جنھن ڪري اھو پاڻ پنھنجي نمائندي جي معرفت جماعت کي ھلائڻ چاھي ٿو، ساڳي وقت مبصرن جي راءِ آھي تھ پارٽي قيادت جي اھڙي فيصلي سبب خود پارٽي جي اندر اختلاف موجود آھن.جنھن سبب ھڪ وڪيل کي اڳيان آندو ويو، ڪي مبصر ان خيال جا بھ آھن تھ پارٽي جي قيادت کي پارٽي جي اندر موجود باقي سينئر اڳواڻن تي ڀروسو نھ رھيو آھي.

اڄ کان ڪجھه  سال اڳ جنھن طريقي سان پي ٽي آءِ ،کي اقتدار تائين پھچايو ويو ھو ان مان اھا پڪ ٿي ھئي تھ اھا انھن ڏينھن جي ”ڪنگزپارٽي“ آھي. بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ھر ڪنگز پارٽي سان اھڙو ئي حشر ٿيندو رھيو آھي.جنھن ۾ اڪثر ھيوي ويٽس ھوندا آھن ۽ اھي ھڪ خاص مند ۾ خاص مقصد جي لاءِ ڪنگزپارٽي ۾ ايندا آھن ۽ وري ان بعد ”مٿين“ جي اشاري تي پارٽي تبديل ڪندا آھن.جيتوڻيڪ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اندر چونڊن جو عمل تھ تڙ تڪڙ ۾ مڪمل ٿي ويو آھي پر اھو تڪراري بڻجڻ ڪري ھو ڀيرو  وري نئين ڇڪتاڻ ئي پيدا ڪندو.حالتون ٻڌائين پيون تھ چونڊن کان اڳ پي ٽي آءِ ، اندر اڃان بھ وڌيڪ ڌڙابنديون ٿينديون.جنھن سان پارٽي جي سگھھ ختم ٿي ويندي.

 

جيتوڻيڪ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اندر چونڊن جو عمل تھ تڙ تڪڙ ۾ مڪمل ٿي ويو آھي پر اھو تڪراري بڻجڻ ڪري ھو ڀيرو  وري نئين ڇڪتاڻ ئي پيدا ڪندو.حالتون ٻڌائين پيون تھ چونڊن کان اڳ پي ٽي آءِ ، اندر اڃان بھ وڌيڪ ڌڙابنديون ٿينديون.جنھن سان پارٽي جي سگھھ ختم ٿي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.