ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رينجرز ۽ پوليس ڪراچي ۾ گڏيل طور اسٽريٽ ڪرائم کي منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، بين الصوبائي چيڪنگ پوائنٽس تي گڏيل سنيپ چيڪنگ ٿيندي، پاڻي جي چوري ۽ ٻين ڏوهن جي روڪٿام لاءِ به گڏيل قدم کنيا ويندا.
ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم، پاڻي جي چوري، اينٽي سمگلنگ آپريشن ۽ پرڏيهين جي نيڪالي جي معاملي تي بريفنگ ڏني وئي.
رينجرز ترجمان موجب اجلاس ۾ ڪراچي پوليس چيف، زونل ڊي آءِ جيز، اسپيشل برانچ کانسواءِ ڳجهن ادارن جي آفيسرن به شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ رينجرز ۽ پوليس طرفان گڏيل طور تي اسٽريٽ ڪرائم جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
رينجرز ترجمان موجب پاڻي جي چوري ۽ ٻين ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گڏيل قدم کڻڻ جي فيصلي سان گڏ غير قانوني هٿيارن جي نمائش ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو به فيصلو ڪيو ويو.
You might also like