ورلڊ بينڪ جيڪو تصور پيش ڪيو آھي ان مان ظاھر ٿئي ٿو تھ پاڪستان ھڪ اھڙي ڄار ۾ ڦاسي ويو آھي جيڪو ملڪ کي لڳاتار سياسي عدم استحڪام ۽ معاشي زوال ڏانھن ڌڪي رھيو آھي.ھي ھڪ اھڙو بحران آھي جيڪو ملڪ جي دفاع کي بھ خطري ۾ وجھي سگھي ٿو.
سموري دنيا ۾ جمھوريت،آزاد عدليھ،آزاد صحافت۽ قانوني حڪمراني،تعليم ۽ صحت جي سھولتن جي ذريعي مختلف قومن خاص ڪري اولهھ جي ملڪن ترقي ڪئي آھي.جڏهن اتي حڪومت جي مخالفت ۾ لکين ماڻھون مظاھرا ڪندا رھن ٿا.ڪجهھ واقعن ۾ اتي تشدد،وڳوڙ جي واقعا بھ ٿيندا رھن ٿا پر جمھوري ادارن جي تسلسل، انساني حقن جي احترام، آزاد ۽ غيرجانبدار عدليھ جي ڪري معاشرا عدم استحڪام جو شڪار نٿا ٿين.عام طور تي انھن معاشرن ۾ اخلاقيات جو معيار بھتر آھي.ڪوڙ،فريب ۽ دوکي ڏيڻ وارو رجحان گھڻو گھٽ آھي.ميريٽ تي ٻڌل ۽ بدعنواني کان آجي پوليس جي ڪري ڏوھ بھ گھٽ آھن.ٻين غيرجمھوري ملڪن ۾ پڻ قانون جي بالادستي جٽادار جو سبب آھي.
ٻئي پاسي پاڪستان ۾ اسان جمھوريت جي نظام کي لاڳو ڪرڻ جي رڳو دعويٰ ڪريون ٿا.عملي طور تي ان کي تسليم نٿا ڪريون.ھن وقت پاڪستان جي نگران حڪومت ۽ ٻيا اھم ادارا زور شور سان ڪنھن نھ ڪنھن طرح نوازشريف کي ھڪ ڀيرو ٻيھر باقاعدھ وزارت اعظميٰ جي عھدي تي فائز ڪرڻ جو پڪو پھھ ڪري ورتو آھي.جڏھن تھ موجودھ نگران حڪومتون پنھنجو آئيني مدو پورو ڪري چڪي آھي.نگران حڪومت جي لاءِ لازم آھي تھ اھا غيرجابندار ھجي.ان جي باوجود نوازشريف کي لنڊن مان جنھن شاھاڻي انداز سان پاڪستان آندو ويو اھا ھڪ بادشاھ جي واپسي ئي محسوس ٿي ھئي.قانوني طور تي نوازشريف ھڪ ڏوھاري ھو پر عملي طور تي ھو وزيراعظم جي حيثيت رکي پيو،واپسي بعد عدالتن انتھائي تيز رفتاري سان ھن جا ڪيس ختم ڪري ڇڏيا.ھن جي جماعت جي اھم اڳواڻن اعلانيھ اقرار ڪري رھيا ھئا تھ ھنن جي مٿي ڳالهھ ٿي چڪي آھي.جنھن ڪري مسلم ليگ ن اڪيلي سر واضح اڪثريت حاصل ڪندي ڪجهھ اڳواڻ ٻھ ڀاڱي ٽي جي اڪثريت جي بھ دعويٰ ڪري رھيا آھن.
مٿي جيڪا ڳالھھ ٿي آھي ان جي وضاحت اھي ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھن يعني پردي جي پويان سمجھوتو ٿيو آھي.جيڪو مسلم ليگ ن کي ڪامياب ڪرائيندو.نوازشريف ھڪ ڀيرو ٻيھر اقتدار ۾ اچڻ بعد پنھنجي ايندڙ نسلن جي اقتدار جي لاءِ رستو تيار ڪندو.جيڪڏھن سڀ ڪجھه ھن جي قابو ۾ اچي ويو تھ ھن جو خاندان جي حڪمراني پندرھ سالن کان بھ اڳتي وڃي سگھي ٿي.تحريڪ انصاف ان کي لنڊن سمجھوتي جو نالو ڏئي ٿي.جيڪڏھن ايئن آھي تھ عوامي راءِ کي ڪا اھميت حاصل نھ ٿيندي.
ھن وقت تائين ملڪ ۾ جيڪي سروي ڪيا ويا آھن انھن جي نتيجن مطابق عوام جي وڏي اڪثريت مسلم ليگ ن جي مخالفت آھي ۽ ان مخالفت ۾ ھر گذرندڙ ڏينھن سان اضافو ٿي رھيو آھي.جڏھن تھ حڪومت جي پاران تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ان جي ھزارين ساٿين جي گرفتاري ۽ انھن جي سياسي سرگرمين ۾ رڪاوٽ جي باوجود تحريڪ انصاف جي حمايت ۾ روز اضافو ٿي رھيو آھي.جنھن ۾ ھڪ سبب ھمدردي جي اھا لھر آھي.جيڪا ھن جماعت جي چيئرمن عمران خان کي جيل ۾ بند رکڻ ۽ ھن کي عدالتن کان پري رکڻ ان جا ڪيس جيل ۾ ھلائڻ جي ڪري پيدا ٿي آھي.سموري ملڪ جي نوجوانن ۾ تحريڪ انصاف وڌيڪ تيزي سان مقبول ٿي رھي آھي.پر حڪومت جي انتظامي مشينري ان کي چٿي ڇڏڻ چاھي ٿي.تحريڪ انصاف تي پابندين سان ھن جي چونڊ مھم ھلائڻ ۽ ووٽرز کي ٻاھر آڻڻ جي صلاحيت ڪمزور آھي.اھڙي ريت تحريڪ انصاف جي ھٿ پير ٻڌي ڪري نوازشريف کي مسند تي ويھاري ڇڏڻ سان ملڪ ۾ مسلم ليگ ن جي مخالفت اڃان بھ وڌي ويندي. ان مخالفت جي باوجود ھڪ غيراعلانيھ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي طرز حڪمراني کي اختيار ڪري پنھنجي خاندان جي حڪمراني 15 کان 25 سال تائين ڊيگھھ ڏئي سگهي ٿي.وزيراعظم بڻجڻ بعد ھن جو ٻيو ٽارگيٽ مريم نواز کي وزيراعظم بڻائڻ ھوندو اھو ئي سبب آھي جو شھبازشريف جي اڳوڻي حڪومت ۾ پيپلزپارٽي جي عوامي رابطا مھم ۾ رڪاوٽ پيدا ڪري پيپلزپارتي کي پنجاب ۾ پير ڄمائڻ جو موقعو نھ ڏنو ويو.ظاھر آھي تھ مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف،ھن جي ڀاءَ شھبازشريف، ھن جي ڀائٽي مريم نواز، ھن جو صاحبزادو حمزھ شھباز اسحاق ڊار ۽ ان جي خاندان جا ٻيا ڀاتي پنجاب ۾ ڪنھن ٻي سياسي قوت کي موقعو ڏيڻ نٿا چاھين.جڏھن پيپلزپارٽي پنجاب جو رخ ڪيو ھو تھ مسلم ليگ ن تنيبهھ ڪئي ھئي تھ اھا سنڌ ۾ پنھنجون سياسي سرگرميون تيزڪري ڇڏيندي اھڙي ريت پيپلزپارٽي کي پيغام ڏنو ويو تھ پنجاب ۾ پنھنجا قدم ڄمائڻ جي ڪوشش نھ ڪري.
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پنھنجي تازي خطاب ۾ پڻ ان ڳالھه جو اشارو ڪيو ھو تھ مسلم ليگ ن کي اقتدار ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي.ھو مسلم ليگ ن کي مھانگائي ليگ جو نالو ڏئي ٿو.حيرت جي ڳالھھ ھي آھي تھ اھا ملڪ جي مختلف جماعتن خاص ڪري مسلم ليگ ن ان ڳالھھ جي خواھش مند آھي تھ تحريڪ انصاف کي بيٽ جو نشان نھ ملي. ان ڳالھه جو امڪان وڌي ويو آھي تھ اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي بيٽ جي نشان کان محروم ڪري ڇڏيندي،اھڙي صورتحال ۾ تحريڪ انصاف جا اميدوار مختلف نشان تي آزاد اميدوار جي حيثيت سان اليڪشن ۾ حصو وٺندا.يعني ايندڙ چونڊن ۾ تحريڪ انصاف سياسي جماعت جي حيثيت سان موجود نھ ھوندي،جيڪي اميدوار آزاد اميدوار طور کٽي ايندا انھن تي دٻاءَ وجھي ڪري ھڪ فارورڊ بلاڪ جوڙيو ويندو.جيڪو نوازشريف جي حمايت ڪندو.ھڪ اھڙي ڌانڌلي ٿيندي جيڪا تاريخ ۾ ڪاري باب طور ياد رکي ويندي.عدم استحڪام عروج تي پھچي ويندي ۽ پاڪستان نھ رڳو جمھوريت کان محروم ٿي ويندو، پر عوام جي اندر ايندڙ حڪومت جي لاءِ وڌيڪ نفرت پيدا ٿي ويندي.پاڪستان اڳ ۾ ئي انتھاپسندي،معاشي بحران، لاقانونيت،وڌندڙ آبادي، گدلاڻ،موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن، دشمن پاڙيسري جي وڌيندڙ اثر رسوخ،ناخواندگيءِ ۽ غربت جي مسئلن کي منھن ڏئي رھيو آھي.ان موقعي تي عوامي حمايت کان محروم حڪومت جو قائم ٿيڻ ھڪ خوفناڪ تباھي جو سبب بڻجي سگھي ٿو.اڳ ۾ ئي مھانگائي،بيروزگاري،ناانصافي ۽ لاقانونيت جي ڪري عوام ۾ ڪاوڙ آھي.ان کي ھڪ خطرناڪ آتش فشان بڻجڻ کان روڪڻو ھوندو. پاڪستان جي منتظمين کي ان صورتحال جو حل ڳولڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري ھڪ مثبت رستو تلاش ڪرڻو پوندو.جمھوري روايتن کي تباھ ڪري، لاقانونيت،انساني حقن جي پائمالي،ميڊيا تي پابندين جي ذريعي اسان وڌيڪ سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام جو شڪار ٿينداسين.معاشرو اھڙي طرح اڳيان نھ وڌي سگھندو. اڳ ۾ ئي اسين اخلاقيات جو جنازو ڪڍي چڪا آھيون عوام تي اعتبار ڪري ڏسو ڪھڙي ريت اھو پرامن طور سان ھن بحران مان ڪڍي ٿو. انھن کي آزاديءَ سان پنھنجا نمائندا چونڊڻ ڏيو آزاد غيرجانبدار عدليھ،آزاد ميڊيا ۽ انساني حقن سان ئي ھڪ صحتمندي ۽ مستحڪم معاشرو جنم وٺي سگھي ٿو.دنيا ۾ ترقي ڪندڙ ملڪ کان ئي سکي وٺو تھ اھي پنھنجي شھرين جي آزادي جو ڪھڙي طرح خيال ڪن ٿا ڪئين انصاف جي نظام کي جٽادار بڻائي ڪري اڳيان ترقي ڪري رھيا آھن.