ڪي پي ڪي، جي گورنر جو بيان ۽ اليڪشن بابت خدشا

چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿي ويو آھي،تڪرار بڻجي ويل ۽ پھريون ڀيرو ٿيل ڊجيٽل آدمشماري بعد تڪبندين جي حتمي پڌرائي بھ ڪري ڇڏي آھي.ان ھوندي بھ سياسي سرگرمين ۾ ڪا اھڙي شدت نظر نٿي اچي.مٿان وري ڪنھن عام فرد نھ پر ھڪ اھم منصب تي فائز صاحب يعني خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي صوبي جي ڪجهه علائقن ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال سبب سياسي سرگرمين کي مشڪل قرار ڏئي ڇڏيو ۽ اهو به اشارو ڏنو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي مختلف ڪيسن ۾ گهربل اڳواڻن کي جسلن ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ائين نه ٿئي ته ووٽر ووٽ ڏيڻ وڃن ۽ پنهنجي جان وڃائي ويھن. هڪ انٽرويو ۾ گورنر حاجي غلام علي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ليول پليئنگ فيلڊ نھ ملڻ بابت الزامن کي رد ڪندي سوال اٿاريو ته هن وقت خيبرپختونخواهه ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان ڪيتري سرگرم آهي؟ هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته خيبرپختونخواهه جي ڪجهه علائقن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي.

ملڪ جي ھڪ اھم صوبي جي گورنر پاران اليڪشن جي مھم دوران ڪيل اھڙي ڳالھھ تي ميڊيا ۾ بحث شروع ٿي ويو آھي.جنھن کي ڪي مبصر ان سان ڀيٽي رھيا آھن تھ ڪي ڌريون ملڪ ۾ اليڪشن کي ملتوي ڪرائڻ چاھين ٿيون.گورنر جو ھي بيان بھ ھڪ اھڙي ئي خواھش جو اظھار آھي.

جيتوڻيڪ اليڪشن جي تاريخ جي اعلان بعد عدليھ پاران اھو چٽي ريت چيو ويو ھو تھ ان بابت ھاڻي سمورن افواھن کي ختم ٿيڻ گھرجي پر ھڪ اھم منصب تي فائز عھديدار جي اھڙي نوعيت جي بيان بعد ان تي بحث نھ ٿيڻ ناممڪن آھي.

ھاڻوڪي اليڪشن جي تاريخ سامھون اچڻ کان اڳ ملڪ جي ٻن جماعتن پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پاران ئي اھو مطالبو ڪيو پئي ويو تھ چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي.جڏھن تھ باقي جماعتن اليڪشن بابت تاريخ جو سمورو بار اليڪشن ڪميشن پاڪستان تي وجھي ڪري پاڻ آجيون ٿي رھيون ھيون.اھڙي ريت ان دوران جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان تھ اھو پڻ چيو ھو تھ اڳ ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال بھتر ڪئي وڃي اليڪشن ان بعد ڪرائي وڃي سندس ئي پارٽي اليڪشن ڪميشن کي اھا بھ تجويز ڏني ھئي تھ جئين تھ ملڪ جي اترين علائقن ۾ سردي ھوندي آھي ان ڪري اليڪشن جي تاريخ فيبروري کان ٿورو اڳتي وڌائي سگھجي تھ اھو بھتر ھوندو.

ھڪ ڀيرو ٻيھر اھڙي قسم جي ڳالھھ سامھون اچڻ جي ڪري اھي بحث وري شروع ٿي ويا آھن،جيتوڻيڪ اھو چيو پيو وڃي تھ ملڪ ۾ سمورين جماعتن کي چونڊن وڙھڻ جي لاءِ ھڪجھڙو موقعو ڏنو پيو وڃي پر عوام جي اڪثريت اھڙي تاثر کي ڪنھن بھ ريت قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.ساڳي ريت ملڪ جي ھڪ وڏي جماعت پاڪستان پيپلزپارٽي اڃان پڻ اھو چئي رھي آھي تھ ھنن کي  ليول پليئنگ فيلڊ نھ پئي ملي.

ٻئي پاسي جيڪو ڪجهھ پاڪستان تحريڪ انصاف سان ٿي رھيو آھي ان مان صاف نظر اچي رھيو آھي تھ اھا جماعت عتاب ۾ آيل آھي.اھڙي صورتحال ۾ ڀلي نگران حڪومت ڪيتري بھ زور سان اھا ڳالھھ ڪري پر ان کي عوامي قبوليت نٿي ملي سگھي.سو جيڪڏھن ان طريقي سان ليول پيئنگ فيلڊ ملي رھي آھي تھ پوءِ اھي چونڊن اڳ ۾ ئي تڪرار بڻجي رھيون آھن،جنھن جو ملڪ ۽ عوام کي ناقابل تلافي نقصان ٿيندو.

دنيا جي جن ملڪن ترقي ڪئي آھي اتي قانون جي حڪمراني، پارليامنيٽ جو احترام، اخلاقيات، بدعنواني کان آجپي ۽ ادارن جي ڪنھن ڌر سان رعايت بدران جيڪو قانون ۾ لکيو ويو آھي ان تي مڪمل عمل کي يقيني بڻايو ويو آھي.ڪي بھ سماج رڳو سکڻين ڳالھين ۽ اعلانن سان اڳتي نٿا وڌي سگھن. جتي قانون جي سرعام لتاڙي جاري ھوندي اتي جو عام ماڻھون قانون جو ڪو احترام نھ ڪندو آھي.

پاڪستان ھن وقت معاشي،آئيني،سياسي عدم استحڪام جو شڪار آھي،جنھن جي ابتري ۾ ھڪ ڌر پنھنجو حصو داخل ڪيو آھي.ان ڪري ھاڻي اھو بھ سڀني تي فرض ٿئي ٿو تھ اھي ان کي بھتر ڪرڻ جي لاءِ بھ سامھون اچن ۽ ان کي سڌو ڪن.ٻي صورت ۾ وقت گذرڻ بعد عوام انھن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيندو.

تازو پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارٽي اندر چونڊن بعد پارٽي جو نئون چيئرمين چونڊجي ويو آھي،جنھن سان وري سمورين جماعتن جي اندر ٿيل انٽرا پارٽي جي چونڊن تي بھ بحث شروع ٿيو آھي.جنھن ۾ مبصرن جو اھو ئي چوڻ آھي تھ ڪنھن بھ جماعت ۾ مڪمل جمھوري اصولن موجب چونڊون نھ ٿينديون آھن.ان ڪري رڳو ھڪ جماعت کي نشانو بڻائڻ بھتر عمل نھ آھي.

پي ٽي آءِ، جي تڙ تڪڙ ۾ ٿيل چونڊن بعد اھو امڪان آھي تھ اھي رد ٿي وڃن، جنھن بعد ان جماعت جي نشان بيٽ کي بچائڻ ممڪن نھ رھندو، پر جيڪڏھن جمھوريت جي روح تي عمل جي ڳالھھ ڪبي تھ سمورين ڌرين جي صورتحال اوڻيهھ ويھھ جي فرق سان ساڳي  آھي.اصل ڳالھھ ھي آھي تھ ملڪ ۾ سمورين جماعتن ۾ ڪجھه خاندان ئي انھن کي ليڊ ڪندا رھيا آھن ۽ اتي شخصيت پرستي جو لاڙو پروان چڙھندو رھيو آھي.

ملڪ جي سياسي صورتحال مان اھو ظاھر ٿي رھيو آھي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف گھڻي سوڙھي ٿي وئي آھي،ان ڪري اھو امڪان بھ آھي تھ ھاڻي پي ٽي آ وٽ ھڪ ئي رستو بچي ٿو تھ يا تھ اھا جماعت اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏي يا وري ان جا اميدوار آزاد حيثيت ۾ چونڊ ميدان ۾ رھن،ٻنھي صورت ۾ پي ٽي آءِ کي ھڪ جماعت طور بچائڻ ھاڻي ڪافي ڏکيو عمل ٿي پيو آھي.

ان ھوندي بھ اليڪشن جي حوالي سان اھڙي قسم جي ڳالھھ آڏو اچڻ سان عوام ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر خدشا وڌي ويا آھن.ڇا ھاڻي عدليھ جي ڪي پي ڪي جي گورنر پاران ڏنل بيان تي ھن کان وضاحت طلب ڪندي يا ان سلسلي ۾ ڪا ڪارراوئي ڪئي ويندي جئين عوام جي ذھنن ۾ پيدا ٿيندڙ غلط فھمين کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.