فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ عالمي ضمير

مجاهد چنا

07 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ اسرائيلي جارحيت ۾ هيل تائين 16 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جنهن ۾ 6150 معصوم ٻارڙا به شامل آهن. اسرائيلي درندگي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، جيتوڻيڪ قطر ۽ سعودي عرب جي ڪوشش  سان هڪ هفتي جي عارضي جنگبندي ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾  150 فلسطيني قيدين کي اسرائيلي جيلن مان آزادي  جڏهن ته 07 آڪٽوبر تي حماس پاران يرغمال بڻايل  85اسرائيلي قيدين کي آزاد ڪيو ويو جن ۾ ٿائيلينڊ جا 13 قيدي پڻ شامل آهن، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سڄي دنيا جي دٻاءُ باوجود اڳ ۾ ئي اهو اعلان ڪري چڪو هو ته عارضي جنگبندي کان پوءِ غزا تي ٻيهر حملا ڪيا ويندا ۽ حماس جي مڪمل خاتمي تائين مستقل جنگبندي جو ڪوبه امڪان ڪونه آهي. هي ءَ سٽون لکڻ تائين اسرائيلي فوج غزا مٿان ٻيهر بمباري شروع ڪري ڏني هئي جنهن جي نتيجي ۾ 240 کان وڌيڪ فلسطيني شهري شهيد ٿي چڪا هئا. ياد رهي ته هڪ اسرائيلي وزير غزا مٿان ائٽم بم ڪيرائڻ ۽ سڄي دنيا ۾ موجود فلسطينين جي حق ۾ آواز اُٿاريندڙ ن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي به ڏئي چڪو آهي. اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته جاپان جي شهر هيروشيما تي اُڇلايل ائٽم بم 20هزار ٽن بارود برابر هو جڏهن ته اسرائيلي فوج غزه جي پٽي تي گذريل 57 ڏينهن جي ويڙهه دوران 40 هزار ٽن بارود اُڇلائي چڪي آهي، پر عالمي ضمير سميت سڄي دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي انڪري جو طاقتور کي ڪوبه ڪجهه نٿو چئي.“ جنهن جو رب تنهنجو سڀ” محاوري موجب جنگ کي 57 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر حماس ۽ غزا جو عوام صبر ۽ استقامت سان اسرائيلي درندگي جو ڄمي مقابلو ڪري رهيو آهي.

اها هڪ حقيقت آهي ته پاڻ کي سُپر پاور سڏائيندڙ قابض صهيوني رياست اسرائيل ۽ سامراج آمريڪا سميت سڀئي شيطاني قوتون گڏجي به فلسطيني عوام جي شوق شهادت ۽ جذبه جهاد کي ختم ڪونه ڪري سگهيا آهن، وڏا ته پنهنجي هنڌ تي، پر ٻارن جا جذبا به ڏسڻ وٽان آهن. هوءَ غزه ڇڏڻ بدران پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ شهادت کي ترجيح ڏئي رهيا آهن. گولا بارود جي باوجود مسجدن ۾ اذان ۽ پارڪن ۾ ٻار راند روند ڪري رهيا آهن، ڇا اهڙي قوم کي دنيا جي ڪابه طاقت شڪست ڏئي سگهي ٿي؟ سڄي دنيا جا تجزيه نگار پاڻ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ طاقتور ملڪ کي معمولي عام رواجي هٿيارن سان للڪارڻ تي حماس جي جُرئت کي سلام ۽ گذريل 57 ڏينهن کان اسرائيلي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ کي هڪ معجزو قرار ڏئي رهيا آهن.

فلسطيني قوم پاران پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ته جيڪي فلسطيني هجرت ڪري اُردن يا ٻين ملڪن ۾ پناه گير بڻيل آهن انهن کي اُتان جي شهريت ڏيڻ جي آفر ڪئي وئي ته انهن اها رد ڪندي پنهنجي سڃاڻپ فلسطيني شهريت کي برقرار رکيو آهي. پنهنجي گهرن ۾ ان اُميد تي اباڻي گهرن جون چاٻيون ۽ نقشا ٽنگي رکيا آهن ته اسان جو وطن فلسطين آهي ۽ هي گهرن جون چاٻيون ۽ نقشا آهن اسان نه رهون ته آزادي کان پوءِ پنهنجي گهرن جا تالا کولي ويهي رهجو.ذري گهٽ ٻن مهينن جي ويڙهه ۾ اسرائيل عملي طور تي غزا کي مٽيءَ جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي ان جي جارحيت کان اسڪول، مهاجر ڪيمپون، اقوام متحده ۽ هلال احمر جي انتظام هيٺ  اسپتالون  به محفوظ ڪونه آهن، پر ان دهشتگردي کي ڪوبه روڪڻ وارو ڪونه آهي. ڇا جيڪڏهن ڪو ٻيو ملڪ ائين انساني حقن جي سرِعام لتاڙ، جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جو قتلام ڪري ها ته آمريڪا سميت ٻيون عالمي طاقتون ۽ انساني حقن جون دعويدار تنظيمون خاموش رهن ها؟ اسان جي سامهون يوڪرين ۽ روس جي جنگ موجود آهي جنهن ۾ روسي جارحيت جي نتيجي ۾ سمورو يورپ يوڪرين سان گڏ بيٺو آهي، يوڪرين کي جديد هٿيارن سميت خفيه طور فوجي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته روس مٿان عالمي پابنديون مڙهيون ويون آهن. سوڊان ۽ انڊونيشيا ۾ يورپ عيسائي برادريءَ کي اقوام متحده جي قراردادن ذريعي آزادي ڏياري چڪو، پر  افسوس جو فلسطين ۽ ڪشمير جو مسئلو 76 سال گذري وڃڻ باوجود حل ٿيڻ بدران نسل ڪشي ۽ بدترين ظلم ستم جو سلسلو جاري آهي جنهن تي عالمي دنيا ۽ مسلم حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن.

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.