ايندڙ حڪومت لاءِ دوست ملڪن کي اعتماد ۾ وٺڻ جون ڪوششون

سڪندر چنو

پاڻ پهريان به ڪجهه ڪالمن وسيلي ذڪر ڪندو رهيو آهيان ته ايندڙ حڪومت گڏيل هوندي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ توڙي آرمي چيف جنرل عاصم منير عرب ملڪن جي دوري جو مقصد به اهو ئي ٻڌايو پيو وڃي ته جيئن اتان جي ٿنڪ ٽنڪ سان ايندڙ اليڪشن کان پوءِ جي سيٽ اپ کي آخري شڪل ڏني وڃي. ڇاڪاڻ ته سعودي عرب، قطر ۽ عرب امارات هميشه ڏکئي حالتن ۾ پاڪستان جي مالي مشڪلاتن جي مدد ڪرڻ ۾ اڳڀرا رهيا آهن ۽ پاڪستان انهن ملڪن آڏو مالي معيشت خراب هوندي. ته پوءِ پاڪستان ملڪي سياست توڙي اقتدار کي هلائڻ لاءِ ۽ ملڪ کي معاشي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ انهن ملڪن سان صلاح مشورو به ڪندو رهندو آهي. پر پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جي اشرافيا ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ وڏي سياسي ڀونچال ۾ ڦاٿل ڏسڻ ۾ اچي ٿي هن وقت ظاهري طور ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سعودي عرب ۽ عرب امارات جي دؤرن کي معاشي معاهدن ذريعي ظاهر ڪيو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته عرب ملڪ گڏيل طور 50 ارب ڊالرن جي پاڪستان ۾ سيڙپ ڪاري ڪندا. پر اصل ۾ اندر ئي اندر ملڪ جون پارٽيون، اشرافيا ۽ اسٽيبلشمينٽ سڀ گڏجي هڪ پٿر تي ويٺل ڪاريهر نانگ کي مارڻ لاءِ وڏيون وڏيون ڪوششون ڪري رهيا آهن پر نانگ مري ڪونه ٿو ۽ ماريندڙن جون لٺيون ٽٽي پون ٿيون. هاڻي نانگ ڇتو ٿيو آهي ۽ انتظار ۾ آهي ته ماريندڙ سندس سامهون اچن ته جيئن سڀني کي زهريلي ڏنگ وسيلي ماري ختم ڪري ڇڏيان.

بهرحال اسٽيبلشمينٽ به نواز شريف کي آشيرواڌ ڏئي ملڪ ۾ گهرائي ڄڻ پريشان نظر اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته قيدي نمبر 804 جي مقبوليت ۾ گهٽتائي ٿيڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي. عوام اليڪشن جي آسري ۾ بي قرار آهي. تازو ن ليگ جي اليڪشن اميدوارن سان پنجاب ۾ جيڪا دنيا حالت ڏٺي آهي اها ميان فيملي يعني نواز شريف لاءِ به وڏي ڳڻتي جوڳي آهي. ن ليگ اميدوار عطاء تارڙ جو ماڻهن گارين، پٿرن سان استقبال ڪيو نيٺ مجبور ٿي عطا تارڙ گاڏيون واپس ڊوڙائي ديري تي اچي ساهه پٽيو. هڪ ن ليگ اميدوار کي ته ماڻهن ننگو ڪري واپس ڪيو. هاڻي آسماني مخلوق به مايوس ٿي ويئي آهي ته هاڻي باقي ڪهڙو رستو وٺجي؟ رستو اهيو ورتو ويو آهي ته ايندڙ حڪومت قومي حڪومت هوندي ان ۾ پ پ جو اهم ڪردار هوندو. ڇاڪاڻ ته پ پ ملڪ جي سڀ کان وٺي عوامي پارٽي آهي. منهنجي مٺ ۾ ته گهڻو ڪجهه بند مواد آهي. پر نجم سيٺي جيان مون کي جهرڪي خبر ڪونه ڏيندي آهي. ڇاڪاڻ ته نجم سيٺي جي جهرڪي بلڊر ۽ ٽائيڪون ملڪ رياض ئي هيو جيڪو سندس کي اندر جون خبرون ڏيندو هيو. بحرالحال اسان کي خبر پاڻ هي ملي ويندي آهي. هن وقت مون حقير جي مٺ ۾ جيڪا وزيراعظم جي چٺي آهي اها آزمائش طور نواز شريف جي حق ۾ آهي.

جيڪڏهن پ پ  ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ اليڪشني اتحاد ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ان اتحاد کي ٽوڙڻ جا سڀ حربا ناڪام ٿي ويندا. لازمي ناهي ته نواز شريف وزيراعظم ٿئي. بلاول ڀٽو زرداري نوجوان هوندي سندس رڳن ۾ نوجوانيءَ وارو رت ڊوڙي رهيو آهي ۽ هو پوڙهن جي بنسبت وڌيڪ بهتر نموني ملڪ کي سنڀالي سگهندو ۽ اسٽيبشلمينٽ توڙي ٻين ادارن کي گڏ کڻي هلندو. آصف زرداري جا اسٽيبلشمينٽ سان مضبوط لاڳاپا بدستور وڌي رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پهچي چڪو آهي. ۽ هاڻي جڏهن بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان پهتو آهي ته مخالفن جي واويلا جنهن ۾ چيو پئي ويو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ڪاوڙيل آهي دم ٽوڙي ڇڏيو آهي. هن وقت پ پ قيادت وچ ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي گهوٽ ڏسڻ لاءِ شادي لاءِ صلاح مشورا ٿي رهيا آهن. جيتوڻيڪ گهوٽ جو بنيادي تعلق سنڌ سان آهي. ۽ جڏهن ڪنهن سياسي گهراڻي سان بلاول ڀٽو زرداري جو نڪاح ٿيو ته صوبي جا ماڻهو وڏي اچرج ۾ پئجي ويندا. بلاول ڀٽو زرداري جي شادي اليڪشن کان پهرين ٿيڻ لاءِ صلاح مشورا آخري مرحلن ۾ آهن. پر جيئن ته اليڪشن ويجهو اچي پهتي آهي ان ڪري شادي اليڪشن کان بعد ٿي سگهي  ٿي.

آصف زرداري جي ڪوشش آهي ته شادي ٿيڻ سان گڏوگڏ پٽ کي مضبوط سياسي سيٽ اپ به جوڙي ڏيان ۽ وزيراعظم ٿيڻ جو سرپرائيز به ڏيان. بحرالحال منهنجي مٺ ۾ ڪنهن نوجوان جو نالو وزيراعظم طور بند آهي. ۽ قومي حڪومت ئي ٺهندي. 27 ڊسمبر تي زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ عوام کي وڏي خوشخبري ٻڌائيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.