ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڦورن اسپتال کي به نه ڇڏيو ۽ اهم سامان کڻي فرار ٿي ويا. پوليس موجب انچوکي ۾ نجي اسپتال ۾ ڦر جو واقعو پيش آيو، پوليس موجب 4 کان وڌيڪ ٻٽ ٻڌل ڦورو صبح 5 وڳي اسپتال ۾ داخل ٿيا ۽ 2 ٻاهر پهرو ڏيندا رهيا. پوليس ٻڌايو ته هٿياربند ڦورن اسپتال جي چوڪيدار کي رسن سان ٻڌي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو، هو 4 سولر پئنل، بيٽريون، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان کڻي ويا. پوليس موجب ڦورو واردات کانپوءِ سي سي ٽي وي رڪارڊ به کڻي ويا، جڏهن ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.