چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن، پارٽين کي راضي ڪيو وڃي: گورنر سنڌ

ڪراچي(رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري  چيو آهي ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن ۽ سمورين پارٽين کي راضي ڪري تڪ بنديون وڏو مسئلو آهي جنهن کي حل ڪيو وڃي. اهڙو اظهار هن جي ڊي سي اسڪول فيڊرل بي  ايريا جو دورڪرڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، گورنر سنڌ مختلف ڪلاسن ۽ ڪمپيوٽر ليب جو معائنو ڪيو ۽  100 ليپ ٽاپ ورهايا  گورنر سنڌ چيو ته ظفر عباس جي نگراني ۾ جي ڊي سي جي هر اداري تي عوام کي مڪمل اعتماد آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ چيو ته صوبي جي سمورين سياسي پارٽين جو گورنر آھيان، چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن ۽ سمورين پارٽين کي راضي ڪري تڪ بنديون وڏو مسئلو آهي جنهن کي حل ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اسان خوشحالي طرف وڌي رهيا آهيون، 70 کان 80 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيڻ واري آهي. سڀني کي هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ گهرجي، عوام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، اسان سڀني کي عوام لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري غازي تندور جو افتتاح ڪري ڇڏيو، گورنر سنڌ چيو ته هن تندور مان عوام کي 2 رپين ۾ ماني ملندي. هن چيو ته عوام جي ڀلائي لاءِ قدم جاري رکيا ويندا. هن چيو ته آءِ ٽي ڪورسز لاءِ ايڊمٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، انهن ڪورسز ذريعي 50 هزار شاگردن کي گورنر هائوس ۾ جديد آءِ ٽي ڪورسز سيکاريا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.