سنڌ هاءِ ڪورٽ: سرڪاري نوڪرين تي پابندي واري اسٽي آرڊر ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت جي سنگل بئنچ سنڌ جي 140 کان وڌيڪ کاتن ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين  سرڪاري نوڪرين جي پابندي واري ڪيس ۾ 15جنوري تائين اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت سيسي کان عدالتي فيصلي کان پوءِ 6 مهينا اڳ تائين سمورين ڀرتين جو رڪارڊ گهري ورتو، درخواستگذار ايم ڪيو ايم جو وڪيل فروغ نسيم پيش ٿيو، سرڪاري وڪيلن جو چوڻ آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي ۾ دير جي سبب جيڪي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتيون ڪيون ويون انهن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، جسٽس ظفر راجپوت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسان به سمجهي رهيا آهيون ته اسٽي آرڊر جي ڪري ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، صحت کاتي ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي نه هجڻ  ڪري مريضن کي پريشاني ڏسڻي پئجي رهي آهي، سنڌ چلڊرن هيلٿ جي ڊائريڪٽر چيو ته 200 بسترن جي اسپتال ڪانٽريڪٽ ڀرتيون نه ٿيڻ جي ڪري غير فعال آهي، عدالت 15 جنوري تائين اسٽي آرڊر ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.