مرتضيٰ ڀٽو کي قتل ڪري الزام خاندان تي لڳائي سازش ڪئي وئي:بلاول ڀٽو زرداري

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوام ملڪ جي قسمت ان شخص جي حوالي نه ڪري جن نفرت ۽ ورڇ جي سياست ڪئي، اسان کي روايتي پراڻي سياسي سوچ ڇڏڻي پوندي.
ڪوئيٽا ۾ بلوچستان بار ڪائونسل کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻڌايو پيو وڃي ته 3 ڀيرا وزيراعظم بڻيل چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍندو، منهنجو اعتراض بزرگن هجڻ تي ناهي، برزگ ٿي ملڪ لاءِ نئين رخ جو تعين ڪري سگھن ٿا.
هن چيو ته پاڪستان جو عوام جڏهن فيصلو ڪندو آهي ته ڪا به طاقت کين روڪي ناهي سگھندي، وقت اچيو ويو آهي ته پاڪستان جي مستقبل جا فيصلا عوام کي ڪرڻ ڏيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلوچستان جي عوام کي درخواست آهي ته 8 فيبروري تي کيس سرپرائيز ڏئي جنهن پنهنجو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ملڪ جي قسمت انهن ٻن شخصن جي حوالي نه ڪريو جن نفرت ۽ ورهاڱي جي سياست ڪئي، اسان کي روايتي ۽ پراڻي سياسي سوچ کي ڇڏڻو پوندو، اسان نفرت، انا ۽ ورڇ جي سياست کي دفن ڪري اڳتي وڌنداسين.
سندس چوڻ هو ته سي پيڪ منصوبي تي آصف علي زرداري جي سوچ موجب ڪم ناهي ٿي رهيو، عوام کي معيشت، معاشرت ۽ سياست ۾ حصيدار بڻائڻو پوندو، آصف علي زرداري بلوچستان بابت جيڪو سوچيو ان تي عملدرآمد ناهي ٿي رهيو، بلوچستان جو عوام انهن وسيلن ۾ پاڻ کي ڀائيوار سمجهي ٿو،آئين حق ڏئي ٿو ته وسيلن تي سڀ کان پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سدائين قربانيون ڏنيون آهن شاهنواز ڀٽو کي زهر ڏئي قتل ڪيو ويو، مير مرتضيٰ ڀٽو کي قتل ڪري الزام خاندان تي لڳائي سازش ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.