نئين تڪبندين تحت قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون گھٽجي ويون

سڄي ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون گھٽجي ويون.
گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميسن نئين تڪبندين جي حتمي لسٽ جاري ڪئي هئي جنهن موجب ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جي جنرل سيٽن جي 266 سيٽن لاءِ 266 تڪ هوندا جڏهن ته صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن جو انگ 593 هوندو.
اليڪشن ڪميشن موجب قومي اسيمبلي ۾ عورتن جون 60 ۽ اقليتن جون 10 مخصوص سيٽون هونديون جڏهن ته 266 جنرل سيٽن سان گڏ قومي اسيمبلي جو ايوان 336 ميمبرن تي ٻڌل هوندو.
عورتن جون 60 مخصوص سيٽن مان پنجاب ۾ عورتن لاءِ 32، سنڌ ۾ 14، خيبرپختونخواهه ۾ 10 ۽ بلوچستان ۾ 4 سيٽون مخصوص هونديون.
اهڙيءَ طرح گذريل قومي اسيمبلي جي ميمبرن جو انگ 342 مان 6 سيٽون گھٽجي 336 ٿي ويندو.
پنجاب ۾ جنرل اسيمبلي جون 7 سيٽون گھٽيون جڏهن ته بلوچستان مان 2 ۽ وفاق ۾ هڪ سيٽ جو اضافو ٿيو.
اليڪشن ڪميشن سنڌ جون سيٽون برقرار رکيون آهن جڏهن ته فاٽا ۽ ڪي پي گڏجڻ کان پوءِ گڏيل سيٽون 47 کان گھٽجي 45 ٿي ويون.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊن جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.