پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ بشريٰ بيبي جو گھيرو تنگ، نئون ريفرنس داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ عمران خان ۽ سندس گھرواري سميت ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو.
نيب اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي خلاف 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ ريفرنس داخل ريفرنس داخل ڪيو جنهن ۾ ٻين جوابدارن کي به نامزد ڪيو ويو آهي.
نيب راولپنڊي پاران داخل ڪيل ريفرنس ۾ 8 جوابدارن جا نالا شامل آهن جن ۾ عمران خان جي زال بشريٰ بيبي، فرح گوگي، اڳوڻي مشير شهزاد اڪبر، عمران خان جو ويجهو دوست ذلفي بخاري ۽ بيرسٽر ضياءَالمصطفيٰ شامل آهن.
نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل مظفر عباسي جاچ آفيسر ميان عمر نديم سان گڏ ريفرنس داخل ڪرايو جنهن جي احتساب عدالت جي رجسٽرار آفيس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.