چونڊ شيڊيول بابت چيف اليڪشن ڪمشنر جو اهم بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر راجا سلطان چيو آه يته چونڊ شيڊيول اليڪشن کان 54 ڏينهن اڳ جاري ٿيندو.
اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جو چوڻ هو ته تڪبنديون شايع ٿي چڪيون آهن باقي سڀ ڪجهه به پنهنجي وقت تي ٿيندو.
هن چيو ته اسان سڀ ڪجهه پنهنجي وقت کان اڳ ڪري رهيا آهيون، اليڪشن شيڊيول، آر اوز ۽ ڊي آر اوز جي مقرري به وقت تي ٿيندي.
چونڊ شيڊيول بابت سوال تي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جو چوڻ هو ته 8 فيبروري کان پوئتي 54 ڏينهن جو حساب لڳايو.
رٽرننگ ۽ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر عدليا يا بيوروڪريسي مان کڻڻ بابت سوال تي چيف اليڪشن ڪمشنر مرڪندي جواب ڏنو ته نو ڪمينٽس.
واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ 8 فيبروري تي چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.