وڏيرو ٻوڏ جو رخ گهر ڏانهن موڙي ٿو، شهيد جي ڌيءَ جي آرمي چيف کي شڪايت

راولپنڊي ( م ڊ ) شهيد سپاهي جي ڌيءَ آرمي چيف جنرل عاصم منير کي شڪايت ڪئي، جنهن تي آرمي چيف مسئلو حل ڪرڻ ۽ ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو. شهيدن جي ڏهاڙي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، شهيد سپاهي جي ڌيءَ آرمي چيف کي ٻڌايو ته ڊيرا مراد جمالي جو وڏيرو هميشه ٻوڏ جو پاڻي سندن گهر ڏانهن موڙيندو آهي. نينگري جي شڪايت تي آرمي چيف چيو ته پريشان نه ٿيو هاڻي هو پاڻي اوهان ڏانهن نه ڇڏيندو. ان موقعي تي آرمي چيف عملي کي هدايت ڪئي ته وڏيري کي پيغام ڏين ته هو ٻيهر اهڙو ڪم نه ڪري، ٻي صورت ۾ پاڻي ڪنهن ٻئي هنڌ پهچي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.