پوليس جاچ ۾ الزام سامهون اچڻ تي اعليٰ پوليس آفيسرن لاءِ ڏکيائيون

ڪراچي (م ڊ) پوليس جاچ ۾ الزام سامهون اچڻ تي اعليٰ پوليس آفيسرن لاءِ ڏکيائيون پيدا ٿي رهيون آهن، سينيئر پوليس آفيسر طرفان ڏنل  جاچ رپورٽ ڊي آءِ جي اسد رضا جي مبينا ڪردار تي سنگين سوال اٿاري ڇڏيا آهن، رپورٽ ۾ ڊي ايس پي عمير طارق باجاري جي مبينا ڏوهي سرگرمين ۾ سهولتڪاري جو الزام لڳايو ويو آهي، عمير باجاري اورنگي ٽائون ۾ واپاري جي گهر مان 2 ڪروڙ رپين جي ڌاڙي ڪيس ۾ جيل ۾ آهي، خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڊي آءِ جي اولهه طرفان پوليس سربراهه کي پيش ڪيل پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته ڊي ايس پي عمير باجاري کي سينيئر آفيسرن ان جي پيشيواراڻي ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي غيرقانوني ڪمن ۾ ملوث هجڻ جا موقعا، سهولت ۽ مدد فراهم ڪئي، ڏکڻ زون جي سينيئر آفيسرن جو ڪردار خطرناڪ آهي ۽ ان جي مڪمل جاچ جي ضرورت آهي، رپورٽ ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته مٿي ڄاڻايل حقيقتن جي اصليت ڄاڻڻ جي لاءِ سينيئر آفيسرن تي ٻڌل ٽيم جي ذريعي ان حوالي سان هڪ تفصيلي فيڪٽ فائنڊنگ انڪوائري ڪرائي سگهجي ٿي، نالو نه ٻڌائيندڙ ذريعن جو حوالو ڏيندي رپورٽ ۾ چيو ويو  ته ڪراچي  شهر ۾ عمير طارق باجاري خلاف مختلف شڪايتون  داخل ٿيون ۽ بطور ايس ايس پي ڏکڻ (بطور ڊي آءِ جي ترقي کان اڳ) بطور ڊي آءِ جي ڏکڻ زون اسد رضا ۽ ٻيا سينيئر آفيسرن کي ان مان ڪيترين ئي شڪايتن جي باري ۾ پهريان کان ئي خبر هئي، ڊي آءِ جي ويسٽ جي قيادت ۾ پوليس جي جاچ ٽيم ڊي آءِ جي ڏکڻ کي ڪيس جي جاچ دوران ايس ايڇ او ڊفينس کي انڪوائري ڪميٽي جي اجلاس ۾ وڃڻ کان روڪڻ تي به پڇاڻو ڪيو ويو، ٻئي پاسي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا ٻڌايو ته الزام ڪوڙا آهن، پوليس جي سامهون الزامن جي حوالي سان وضاحت ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته ايس ايڇ او ڊفينس کي انڪوائري ڪميٽي جي سامهون پيش ٿيڻ کان روڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.