گهوٽڪي سرڪٽ هائوس ۾ ساٿي جي فائرنگ، 2 رينجرز اهلڪار مارجي ويا، 5 زخمي

سکر/گهوٽڪي(رپورٽ آزاد مهر/عرفان سومرو) گهوٽڪي سرڪٽ هائوس ۾ ساٿي رينجرز اهلڪار جي فائرنگ ۾ 2 رينجرز اهلڪار مارجي ويا، 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، گهوٽڪي ۾ سرڪٽ هائوس ۾ ڪچي ۾ جاري آپريشن سميت امن امان  جي مجموعي صورتحال تي ڪنٽرول لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان رينجرز جي ڪيمپ قائم ٿيل آهي، جتي رينجرز جي اهلڪار ساٿي اهلڪارن مٿان انڌانڌ فائرنگ ڪري ڏني، ڪيتري ئي دير تائين فائرنگ جاري رهي، جنهن جي نتيجي ۾ بهاولپور واسي حوالدار يونس ۽ سپاهي فهيم شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ميانوالي واسي گل محمد ولد شير بهادر، ڪشمير واسي سپاهي آفاق احمد ولد آصف، سانگهڙ واسي سپاهي غلام مصطفيٰ ولد علي مراد سومرو، بهاولنگر واسي ظفر علي ولد امام بخش ملڪ ۽ جهنگ واسي غلام مسرت ولد خادم لانگاهه گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، واقعي بعد ٻنهي شهيد اهلڪارن جا مڙهه ۽ زخمين کي رينجرز جي موبائيلن ۽ ايمبولنسز ذريعي تعلقه اسپتال آندو ويو، اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، 4 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين پنوعاقل ڇانوڻي منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته شهيد اهلڪارن جا مڙهه پوسٽ مارٽم بعد اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا، پوليس موجب فائرنگ ڪندڙ هڪ ئي شخص هو، جيڪو پڻ رينجرز جو اهلڪار آهي، جنهن کي فائرنگ واري واقعي بعد حراست ۾ ورتو ويو، پر سندس نالو ۽ سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي ۽ نه ئي اهو ٻڌايو ويو ته واقعي جو سبب ڇا هو، واقعي بعد رينجرز جو ڪرنل عاطف تعلقي اسپتال پهتو، جڏهن ته رينجرز جي نفري اسپتال کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، پوليس به پهتي، جنهن غيرواسطيدار ماڻهن کي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ميڊيا کي به ڪوريج کان روڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.