ڪراچي (رپورٽر) نادرا جو انوکو ڪارنامو سامهون آيو آهي، رڪارڊ موجب هڪ نوجوان جون 3 امڙيون ڏيکاريون ويون، نادرا جي اهڙي ڪارنامي خلاف عورت عدالت پهچي وئي، عدالت ۾ عجيب صورتحال پيدا ٿي وئي، عمر رضا نالي نوجوان جي والده نادرا خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته نادرا رڪارڊ موجب هن جي 17 سالن جي پٽ جون 3 مائرون آهن، درخواستگذار جي وڪيل ناصر احمد جو چوڻ هو ته نوجوان عمر رضا جي والدين ۾ عليحدگي ٿي وئي آهي، نادرا رڪارڊ ۾ هڪ جڏهن تي عمر رضا جي ڏاڏي ان جي ماءُ آهي ته وري ٻي جاءِ تي ماٽيلي ماءُ کي والده ڏيکاريو ويو آهي، عورت جي وڪيل چيو ته نادرا رڪارڊ ۾ نوجوان جي ٽن مائرن جي ڪري ٻار جي لاءِ مستقبل ۾ مسئلا پيدا ٿي سگهن، ان جي تعليم ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، عمر رضا جي والده صدف جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس جاري ڪندي نادرا کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.