اسلام آباد(م ڊ) عمران خان چيف جسٽس کي خط لکي پليئنگ ليول فيلڊ گهري ورتي آهي. عمران چيو آهي ته سندس اڳواڻ ۽ ڪارڪن کنڀي گم ڪيا پيا وڃن. خط ۾ عمران خان چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 184 (3) تحت شهرين جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ چيو ويو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل ماڻهن کي جبري طور گم ڪري سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. خط ۾ عمران خان چيف جسٽس کان سياستدانن جي جبري گمشدگين بابت ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته عدالتن مان ضمانتن باوجود سياستدانن ۽ خاص ڪري عورت ڪارڪنن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي. خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏ اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو وڃي ته پي ٽي آءِ اميدوارن کي چونڊ مهم جي اجازت ڏني وڃي. خط ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو ته پيمرا کي ٻين سياسي پارٽين وانگر پاڪستان تحريڪ انصاف جي چونڊ مهم جي ميڊيا ڪوريج جي اجازت ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي.