فاطمه جي قاتلن سزا نه ملي، سنڌ جي عدليه تي به سوال اٿي رهيا آهن:ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ:مهدي بلوچ) ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌ سھائي تنظيم پاران "فاطمه ڦرڙو انصاف جي اوسيئڙي ۾” جي عنوان هيٺ ڪوٺايل ڊائلاگ پروگرام ۾ اياز لطيف پليجي  تقريب  کي خطاب ڪندي چيو ته فاطمه ڦرڙو واقعي جي سڀ کان وڌيڪ ذميواري قانون ۽ آئين جي آھي. اسان گھرن ۾ جيڪي ٻارڙيون ڇڏي ايندا آھيون اھا سنڌ ۾ عام آھي، ڊفينس ۾ خاص ڪري وڏيرا معصوم 12 سالن جي نينگرين کي رکندا آھن جيڪي انھن جي ٻچن جو خيال رکنديون آھن، مجبوري سبب معصوم ٻارڙن جي گھرن ۾ نوڪر طور رکيو ويندو آھي، والدين ٻارڙن کي ننڍا ننڍا ڪاروبار کولي ڏين ته اھو بھتر قدم آھي. ھن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ اڌ کان وڌيڪ ھوٽل ڪينٽ ۽ سٽي اسٽيشن تي معصوم ڇوڪرا چائلڊ ليبر جو شڪار ٿين ٿا جن خلاف ڪو ايڪشن نه پيو ٿئي. هن چيو ته پوليس آفيسرن کي مقرر به جاگيردار ۽ وڏيرا ڪرائن ٿا جنھن ڪري ڪو ڪيس ئي رپورٽ نٿو ٿئي، فھميدا سيال، ناظم جوکيو سميت ٻين ڪيسن ۾ احتجاجن ۾  سنڌ جو وڏو ماڻھو شريڪ ھو پر پوءِ ٺاھ ڪرائي ڪيسن کي ختم ڪرايو ويو ان کان علاوه اسان وٽ خديجه چانڊيو ۽ مائي جندو جھڙا مثال موجود آھن جن پنھنجن ٻچن جي قاتلن کي ڦاھين تي چڙهايو، ماضي جي چيف جسٽس صاحب جو ايئرپورٽ تان پرس نڪرڻ ۽ ڪنھن جي ڀاءُ جي پروموشن جي به خبر ھوندي ھئي پر سنڌ ۾ چائلڊ ليبر تي عدليه جو ڪھڙو ڪردار آھي، فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ ڪو سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو جج ڇو ناھي مقرر ڪيو ويو ته اھو واقعو ڇو ٿيو آھي، توھان چيو ٿا ايس ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي سزا ملڻ گھرجي جيڪو ايندو ئي ھڪ ٻن مھينن لاءِ، ڇا چونڊيل نمائندن تي ڪا ذميواري ناھي جيڪي پنجن سالن لاءِ ايندا آھن، سيشن جج جو ڪو به رول ناھي، عدليه تي ڳالھيون ڪرڻ گھرجن، پاڪستان ۽ سنڌ جي عدليه صوبي ۾ ٻارڙن سان زيادتي واقعن تي ڪو به ڪردار ادا نٿي ڪري، فاطمه جي امڙ جو جذبو آھي ته جوابدارن کي سزائون ڏياريون وينديون، فاطمه جي امڙ جي جذبي کي سلام آھي. ھن وڌيڪ چيو ته گھرن ۾ ننڍيون ٻارڙيون نه موڪليون وڃن، هن چيو ته سنڌ جي فارينزڪ ليب ۾ جزا نٿا ملن جڏھن پنجاب مان رپورٽ اچي ٿي ته ڊي اين اي ميچ ٿي وڃي ٿو سپريم ڪورٽ کي ان تي نوٽيس وٺڻ گھرجي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ ۾ دهشت جو راڄ قائم آهي. معصوم نياڻين کي قتل ڪيو پيو وڃي. ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ڪٿي به نظر نٿي اچي. نياڻيون قتل ٿي رهيون آهن پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قاتلن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن. پوليس مڪمل طور ڏوهارين جي ساٿاري بڻيل آهي،مريم گوپانگ چيو ته معصوم نياڻين جا قاتل ڪرپٽ ۽ بي ايمان حڪمران آهن جن معصوم نياڻين جي تحفظ لاءِ ڪا موثر قانونسازي ناهي ڪئي،پرھ سومرو چيو ته انھن سمورن واقعن کي روڪڻ لاءِ جرڳن بدران قانوني ڪارروائي ٿيڻ گھرجي، قانون کي حرڪت ۾ آڻي تحريڪ ھلائجي، تازو ڪي پي ڪي ۾ جرڳو ڪري هڪ بي گناه نياڻي  کي قتل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته فاطمه ڦرڙو ڪيس متعلق سيپٽمبر ۾ ميڊيڪل بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيو ويو ته فاطما ڦرڙو جو موت ڪنهن بيماري سبب نه پر تشدد جي ڪري ٿيو آهي. ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته نياڻي کي مٿي ۽ سيني ۾ ڌڪ لڳا جنهن سبب هن جو موت ٿيو. 8 نومبر تي لمس مان ڊي اين اي ٽيسٽ جي رپورٽ جاري ڪئي وئي جنهن ۾ اها تصديق ٿي ته نياڻي سان جنسي ڏاڍائي ٿي آهي ۽ هڪ جوابدار جا جزا پڻ ميچ به ٿيا هئا. ان باوجود جوابدارن کي اڃا تائين سزا ناهي ملي. هن مطالبو ڪيو ته معصوم نياڻي فاطما ڦرڙو جي قاتلن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ان سان گڏ گهرن ۾  ڪم ڪندڙ عورتن کي مزدورن جي عالمي قانونن تحت مناسب اجورو ۽ روزگار جو تحفظ مهيا ڪرڻ لاءِ گهربل قانونسازي ڪئي وڃي. معصوم ٻارڙن جي ڪم ڪار تي بندش لاڳو ڪئي وڃي. پورهيت ٻارن لاءِ معياري تعليم جو بندوبست ڪرڻ سان گڏ کين ماهوار گذارو الائونس به ڏنو وڃي.

اسد شاهه،پير فياض ۽ حنا شاهه کي بخش نه ڪنديس:امڙ

ڪراچي: شهيد فاطمه ڦرڙو جي امڙ جو چوڻ هو ته فاطمه  کي پير فياض شاھ ۽ حنا شاھ وٽ ٽي مھينا اڳ ڇڏي آئي ھيس پر اھا ڏکي  ھئي، فاطمه تي ظلم ڪيو ويو ۽ جسم تي تشدد ٿيل ھيس، حنا شاھ، اسد شاھ ۽ پير فياض سان جنگ جاري رهندي، انهن کي ڪڏھن به نه ڇڏيندس. هن وڌيڪ چيو ته مونکي انصاف کپي، فاطمه جي قاتلن کي سزائون ڏنيون وڃن، منھنجي نياڻي تي تمام گھڻو تشدد ٿيو آھي، جيسيتائين فاطما جي بيگناھ خون سان انصاف نه ٿيندو تيستائين جدوجھد ڪنداسين توڻي جو ڪورٽن جا ڪيترا ئي چڪر لڳائڻا پون.

پوليس تي ڀروسو ناهي، ٺاهه لاءِ منٿون ٿي رهيون آهن: والد

ڪراچي:شهيد فاطمه جي والد چيو ته فاطمه تي تشدد ڪندڙ را جا ايجنٽ آھن، جن منهنجي نياڻي جو پاڻي به بند ڪيو، اسان  کي منٿون ڪيون وڃن ٿيون ته ٺاھ ڪيو، ھنن يزيدي ڪردار ادا ڪيو آھي، ھي منھنجا دشمن آھن، ھنن کي ڦاھي تي ٽنگرائڻ چاھيان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پوليس تي ڀروسو ناھي، منھنجا وڪيل ۽ عدالتون ئي انصاف ڏيارينديون، پھريان جيڪو ايس ايڇ او ھو ان کي تبديل ڪيو ويو. هن چيو ته پوليس پاران بار بار ٻڌايو پيو وڃي ته گھر مان نه نڪرو. هن وڌيڪ چيو ته پير جنهن به وڏيري ڏي ٺاھ ڪرائڻ لاءِ وڃن ٿا اهو هنن کي موٽائي ٿو ڇڏي. فاطمه ڦرڙو جي والد پيرن کي را جو ايجنٽ قرار ڏيندي چيو ته منهنجي نياڻي کي 14 آگسٽ تي شهيد ڪري پيرن ڪنهن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ هو را جا ايجنٽ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.