چونڊن لاءِ پر امن ماحول هجڻ گهرجي، جمهوريت جو احترام ڪيون ٿا : مولانا فضل الرحمان

لاڙڪاڻو ( ڊ ر )  لاڙڪاڻي ۾ جي يو آءِ ( ف ) طرفان طوفان اقصيٰ ۽ شهيد اسلام ڪانفرنس  ڪوٺائي وئي. ڪانفرنس ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، حماس اڳواڻ ڊاڪٽر ناجي ظهير، ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ، جي ڊي اي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد وسيم حسين سميت ٻين سياسي توڙي مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪارڪنن جو وڏو انگ ڪانفرنس ۾ موجود هو. ان موقعي تي خطاب ڪندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته شهيد خالد محمود جي خون سان انصاف ناهي ٿي سگهيو، ڪيس ۾ جوابدارن خلاف سمورا ثبوت موجود آهن، مولانا فضل الرحمان چيو ته نيب احتساب نه پر انتقام جو ادارو آهي، نيب چيو نواز شريف خلاف ڪي به ثبوت نه آهن، ڇا اڄ نيب جو ادارو هجڻ گهرجي، هن چيو ته اسان پهرين ڏينهن ئي چيو هو ته هڪ ايجنٽ کي ملڪ تي مڙهيو ويو آهي، هي اسان جي مذاق اڏائيندا هئا ته 12 هون رانديگر آهيان، هاڻي بيٽ جو نشان نه پر ٻلي جو نشان آهي. چونڊن لاءِ پر امن ماحول هجڻ گهرجي، اسان جمهوري ماڻهو آهيون جمهوريت جو احترام ڪيون ٿا. حماس اڳواڻ ڊاڪٽر ناجي ظهير خطاب ڪندي چيو ته اڄ توهان فلسطينن جي حقن لاءِ گڏ ٿيا آهيون، اها فلسطينين جي نه پر امت مسلمه ۽ اسلام جي جنگ آهي، هن چيو ته جنگبندي صلح حديبه وانگر هلي رهيا آهيون جنهن جنگ ۾ فتح مڪي وارن کي ملي هن جنگ ۾ به فتح يهودين نه پر فلسطينين ۽ مسلمانن جي ٿيندي.  ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد وسيم حسين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي، 12-12 ڪلاڪ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، پيپلزپارٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڳوٺن ۾ ڪا به سهولت نه ڏني، مولانا ناصر خالد محمود سومرو چيو ته والد جي قتل کي 10 سال ٿي ويا آهن، اڃان تائين شهيد والد جي خون سان انصاف نه ٿيو آهي، ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ چيو ته مولانا فضل الرحمن وٽ وڏي سياسي بصيرت آهي .جنهن ٽي مهينا اڳ اڳڪٿي ڪئي. هئي ته اسان ن ليگ، جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم سان گڏجي چونڊ وڙهنداسين. بشير ميمڻ چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي وارن 38 لک ووٽ کنيا ۽ پيپلز پارٽي جي مخالفن ملي ڪري 62 لک ووٽ کنيا. جي ڊي اي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته غزا ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان تي اسان جي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙهي رهي آهي، پاڪستان جو عوام فلسطيني عوام سان گڏ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.