ڪراچي (رپورٽر) نگران وڏي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سنڌ ڪابينا ۾ واڌ ڪندي آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه کي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، وڏي وزير چيو ته احمد شاهه جون ادب لاءِ وڏيون خدمتون آهن، کيس پنهنجي ڪابينا ۾ شامل ڪيان ٿو. نگران وڏي وزير آرٽس ڪائونسل ۾ عالمي اردو ڪانفرنس جي موقعي تي اهڙو اعلان ڪيو. آرٽس ڪائونسل ڪراچي صدر احمد شاهه چيو ته اڃا تائين وزير مقرر نه ٿيو آهيان ، رڳو اعلان ٿيو آهي. هن چيو ته ان تي گورنر هائوس طرفان صحيح ۽ منظوري ڏني وئي آهي. احمد شاهه وڌيڪ چيو ته مون کي ٿوري وقت لاءِ وزارت ڏني ويندي، جيڪا ايمانداري سان پوري ڪندس.