اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اليڪشن ڪميشن جي توهين ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪرڻ جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين، اسد عمر ۽ فواد چوڌري تي فردِجرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ڪميشن ٻُڌڻي 6 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن سنڌ جي ڪميشن ميمبر نثار دراني جي اڳواڻيءَ ۾ 4 رڪني بينچ ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ فواد چوڌري کي اڄ به پيش نه ڪيو ويو، اسد عمر ذاتي حيثيت ۾ ڪميشن آڏو پيش ٿيو. ڪميشن جي ميمبر چيو ته چيو ته گهرو وزارت رپورٽ ڏني آهي ته حالتون بهتر ناهن جو پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيش ڪري سگهجي. ٻُڌڻيءَ دوران اسد عمر لکت وارو جمع ڪرائيندي چيو ته مان ته سياست به ڇڏي چڪو آهيان جنهن تي ڪميشن جي ميمبر چيو ته نه اوهان سياست ڪريو، اسد عمر ٿورن سان ٻيهر چيو سياست ڇڏي چڪو آهيان.