واٽس ايپ واهپيدارن جي تحفظ لاءِ نوان سيڪيورٽي فيچرز متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.
ميٽا طرفان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ انهن فيچرز جو اعلان ڪيو ويو.
ڪمپني طرفان گڏيل طور 3 نوان فيچرز واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايا ويا آهن.
انهن فيچرز جو بنيادي مقصد واهپيدارن جا اڪائونٽ وڌيڪ محفوظ بڻائڻ آهي.
هن وقت واٽس ايپ ۾ 2-اسٽيپ ويري فڪيشن جو فيچر موجود آهي، جنهن ۾ 6 انگن تي ٻڌل پن ڪوڊ استعمال ڪيو ويندو آهي ته جيئن هيڪرز کي اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ کان روڪي سگهجي.
هاڻي ان فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي ۽ صارفين کي ڊگهو پاس ورڊ چونڊڻ جي سهولت ڏني ويندي، جنهن ۾ اکر ۽ انگ شامل هوندا، ته جيئن هيڪرز لاءِ ان جو اندازو لڳائڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي وڃي.
اهڙي ريت پاس ڪي جو فيچر پڻ وڌيڪ بهتر ڪيو پيو وڃي.
پاس ڪي استعمال ڪندڙ واهپيدار هاڻي پنهنجي اڪائونٽ ۾ هڪ کان وڌيڪ پاس ڪي شامل ڪري سگهندا.
ڪمپني موجب هي فيچر انهن واهپيدار لاءِ فائديمند هوندو، جيڪي آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ ٻنهي آپريٽنگ سسٽمن تي هلندڙ فون استعمال ڪندا آهن.
ياد رهي ته پاس ڪي بنيادي طور ڊجيٽل ڪيز هونديون آهن، جن جو استعمال آسان هوندو آهي ۽ اهي وڌيڪ محفوظ پڻ هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڪنهن ويب سرور تي محفوظ ناهن ٿينديون.
ڊگهي پاس ورڊ بدران هي ٽيڪنالاجي لاگ اِن ٿيڻ لاءِ 4 انگن تي ٻڌل پن ڪوڊ يا بايوميٽرڪ تفصيل استعمال ڪري ٿي.
اهڙي طرح ٽيون فيچر اينڊرائيڊ واهپيدار لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
هاڻي اينڊرائيڊ صارفين اهڙي ڪال بابت وڌيڪ تفصيل ڏسي سگهندا، جيڪا ڪنهن اهڙي نمبر تان ايندي، جيڪو سندن ڪانٽيڪٽس ۾ شامل نه هوندو.
مثال طور، واهپيدار کي خبر پئجي سگهندي ته اهو نمبر ڪنهن ٻئي ملڪ جو آهي يا ڪنهن اهڙي شخص جو آهي، جيڪو ان گروپ جو ميمبر آهي، جنهن ۾ واهپيدار پاڻ پڻ شامل آهي.
ڪمپني ٻڌايو آهي ته انهن فيچرز کي متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.
اهي فيچرز ايندڙ ڪجهه هفتن دوران سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب ٿي ويندا.