اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پاران اسٽريٽجڪ تيل جي ذخيرن جي قيام ڏانهن اهم قدم، عالمي اداري ووڊ ميڪنزي کي مطالعي جو ٺيڪو ڏنو ويو.
پاڪستان پنهنجي توانائي جي تحفظ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اهم قدم کڻندي اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جي قيام بابت باقاعده فزيبلٽي اسٽڊي شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته توانائي بابت عالمي صلاحڪاري اداري ووڊ ميڪنزي کي هن منصوبي جي اڳواڻي لاءِ چونڊيو ويو آهي.
منصوبي جي شروعات لاءِ ڪوٺايل اجلاس جي صدارت وفاقي پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ ڪئي. هن چيو ته توانائي جو تحفظ قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي.
علي پرويز ملڪ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اختيارين فزيبلٽي اسٽڊي جي دائري، مڪمل ٿيڻ جي مدت ۽ تجويز ڪيل ڍانچي جو جائزو ورتو.
ووڊ ميڪنزي کي مقابلي واري ٽينڊر جي عمل ذريعي چونڊيو ويو، جنهن ۾ 4 ڪمپنين طرفان ٻوليون وصول ٿيون هيون.