اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن ۾ دير جون خبرون رد

اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن ترجمان چيو آهي ته  ميڊيا جي حلقن ۾ چونڊن ۾ دير جون خبرون مڪمل طور تي بي بنياد ۽ گمراهه  ڪندڙ آهن، اليڪشن ڪميشن انهن جي سخت ترديد ڪري ٿي.اليڪشن لسٽون تيار نه ٿيڻ جي خبر به بلڪل ڪوڙ آهي،  اليڪشن ڪميشن اهڙين غلط خبرن کي پکيڙيندڙن خلاف پيمرا سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ته جيئن اهڙيون گمراهه ڪندڙ خبرون پکيڙيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن مختلف چينلن تي نشر ٿيندڙ خبرن جي ٽرانسڪرپٽ ۽ رڪارڊنگ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.