عالمي بئنڪ کي ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ۾ مداخلت جو ڪو به حق ناهي: رضا رباني

سلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي وسيلن جي ورڇ عالمي مالياتي سامراجن جي هدايتن تحت نه ٿيندي.هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته ورلڊ بينڪ جي ڏکڻ ايشيا جي نائب صدر جي پريس ڪانفرنس پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت آهي، نائب صدر جي پريس ڪانفرنس جي مذمت ڪيون ٿا.هن چيو ته ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ۾ ترميم پاڪستان جي خودمختياري جي صريح ڀڃڪڙي آهي، پاڪستان عالمي بينڪ جي ڪلائنٽ اسٽيٽ نه آهي جو آئين ۽ وفاق صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ جو حڪم ڏئي.رضا رباني جو چوڻ آهي ته ٻلي ٿلهي مان نڪري وئي آهي، سول بيوروڪريسي ۽ سياسي پارٽيون اين ايف سي ۽ وسيلن  جي ورڇ تي نظرثاني ڪري رهيون آهن پاڪستان هڪ پارٽنر فيڊريشن آهي، ان جا وسيلا سياسي ۽ معاشي مقصدن لاءِ مختص ڪيا وڃن ته مناسب ٿيندو.هن جو اهو به چوڻ آهي ته هي مناسب وقت ناهي، اهڙن معاملن کي کولڻ سان وفاق لاءِ سنگين نتيجا نڪرندا، افسوس آهي ته نگران حڪومت عالمي ادارن کي اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي اجازت ڏئي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.