اسلام آباد(م ڊ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ راجا پرويز اشرف چونڊن کانپوءِ پ پ ۽ (ن) ليگ جي اتحادي حڪومت ٺاهڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.برطانوي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ راجا پرويز اشرف چيو ته چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون، چونڊن کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.پ پ اڳواڻ چيو ته چونڊن ۾ سڀني کي برابري جي بنياد تي موقعو ملڻ گهرجي، ڪنهن به پارٽي تي اليڪشن وڙهڻ تي پابندي نه لڳائي وڃي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته امڪان آهي ته (ن) ليگ ۽ پيپلز پارٽي چونڊن کانپوءِ گڏيل حڪومت ٺاهين.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي اليڪشن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ملي ٿي ته هو 18هين ترميم کي تبديل ڪري سگهي ٿو.