اسلام آباد(م ڊ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر بشير ميمڻ ملاقات ڪئي. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات جو مقصد سنڌ جي صورتحال بابت کيس آگاهه ڪرڻ هو. پنهنجا خدشا چيف اليڪشن ڪمشنر آڏو رکيا آهن، اميد آهي ته ان تي غور ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان کي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ قانون تي اعتماد آهي.