ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ ۾ مڪاني حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ آئيني ترميمن تي اتفاق

اسلام آباد(م ڊ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ مڪاني حڪومتن کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻائڻ لاءِ آئيني ترميمون آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.احسن اقبال جو چوڻ هو ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ لوڪل گورنمينٽ کان وڌيڪ ڪو به موثر پليٽ فارم ناهي،ايم ڪيو ايم سان مڪاني حڪومتن جي اختيارن بابت آئيني ترميم جي منظوري جو واعدو ڪيو آهي، مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم ايندڙ چونڊن ۾ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو آهي، هو هر تڪ مان گڏيل اميدوار بيهاريندا.متحده قومي موومينٽ جو وفد سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال جي رهائشگاهه پهتو، وفد ۾ امين الحق ۽ مصطفيٰ ڪمال به شامل هئا.احسن اقبال چيو ته اسان ايندڙ چونڊن بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، پاڪستان جي معيشت ،مهانگائي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم هڪ ٻئي سان سهڪار ڪنديون، مقامي حڪومتن کي صوبائي حڪومتن جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي.فاروق ستار وڌيڪ چيو ته مڪاني خودمختياري پاڪستان جي بقا ۽ سلامتي جي ضامن آهي، ملڪ کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جي ضرورت آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.