اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ عرفان صديقي سپريم ڪورٽ کان چونڊن ۾ دير بابت گردش ڪندڙ خبرن جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ عرفان صديقي چيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 8 فيبروري جي چونڊن کي پٿر تي لڪير قرار ڏيندي ميڊيا کي خبردار ڪيو هو ته چونڊن بابت شڪ پيدا نه ڪيو وڃي.هن چيو ته اوچتو اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي نالي تي ميڊيا سرڪس لڳايو ويو آهي. شايد اهو گوڙ اڃا عدالت تائين نه پهتو آهي.
عارضي بندش اسرائيل فلسطين تڪرار جو حل ناهي: گڏيل قومون
نيويارڪ (م ڊ)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته انساني همدردي جي بنياد تي فوجي ڪاررواين ۾ عارضي بندش اسرائيل فلسطين تڪرار جو حل ناهي. سيڪريٽري جنرل آفريقي يونين ڪميشن جي چيئرپرسن موسي فاڪي ماهيت سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته عالمي ادارو جنگ بندي ۽ سمورن اغوا ٿيلن جي فوري آزادي تي زور ڀري رهيو آهي. هن چيو ته غزا جا رهواسي پنهنجي تاريخ جي ڪاري دور مان گذري رهيا آهن، هن فلسطين شهرين سان يڪجهتي جي اظهار جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسان کي غزه جي گهيراءُ ۽ قبضي جي خاتمي جي مطالبي لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي،