ڪراچي ۾ فلسطينين سان ايڪتا لاءِ ريلي، سياسي سماجي اڳواڻ شريڪ

ڪراچي( رپورٽر) سڄي دنيا ۾ فلسطينين سان ايڪتا لاءِ ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي اڳواڻ شريڪ ٿيا. سول سوسائٽي جي سڏ تي شاهراهه  قائدين تي ريلي ڪڍي وئي . عورتن، مرد، ٻارن سميت وڏي انگ ۾ شهري ريلي ۾ شريڪ، فلسطينين جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي. امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي فلسطين مسئلي جي حق ۾ آواز اٿاريو آهي، سياسي، مذهبي جماعتون ۽ سول سوسائٽي اسرائيلي ظلم خلاف متحد آهن. سڄي دنيا وانگر ڪراچي جي سول سوسائٽي، سياستدان، صحافي ۽ مختلف شعبن جا شهري فلسطين جي عوام جو آواز بڻيا، جن دنيا کي پيغام ڏنو ته پاڪستاني قوم مظلوم فلسطينين سان گڏ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.