گم ٿيل بلوچ شاگرد آزاد نه ٿيا ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير سميت سڀ گهر ويندا :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) بلوچ شاگردن جي آزادي بابت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن گم ٿيل آزاد نه ٿيا ته وزيراعظم ۽ گهرو وزير خلاف ڪيس داخل ڪنداسين، پوءِ سڀني کي گهر وڃڻو پوندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بلوچ شاگردن جي جبري گمشدگي ڪميشن تي عملدرآمد بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.  نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي، انساني حقن وارو نگران وزير خليل خارج ۽ گم ٿيل ماڻهن جا گهر ڀاتي عدالت جي روبرو پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته مجموعي طور تي 69 شاگرد گم آهن، اٽارني جنرل ٻڌايو ته وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ هجڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو، وڌيڪ 22 شاگرد آزاد ٿي ويا آهن، جڏهن ته 28 اڃا تائين گم آهن. هن عدالت کي خاطري ڪرائي ته سڀني گم ٿيلن کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو سوال تمام سادو آهي، پيش ڪيل رپورٽ مان لڳي ٿو ته ملڪ ۾ ڪو قانون ناهي، گم ٿيل ماڻهن جو الزام اسان جي ايجنسين تي آهي، جيڪڏهن اسان ڪلڀوشن جو ٽرائل ڪري سگهون ٿا ته ٻين جو به ڪري سگهون ٿا. گهرو وزير ٻڌايو ته ڪيترائي ماڻهو عدالتي مفرور آهن، ڪجهه افغانستان هليا ويا، گهر ڀاتي ڪميشن ۾ درخواست ڏئي ڇڏين ها ته اهي فهرست ۾ شامل ٿي وڃن ها. عدالت چيو ته پاڪستان ۾ جنهن کي جيڪو وڻي اهو ڪري رهيو آهي، الميو آهي ته ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ خاموشي ڇانئجي ويندي آهي، ڇا اسان گم ٿينداسين ته پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ ايندي؟ جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ڪو قانون کان مٿانهون ناهي، قانون جو چڪر هلندو ته اهي ماڻهو به پراسيڪيوٽ ٿي ويندا، جيڪي جبري گمشدگيون ڪري رهيا آهن. جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو بنيادي انساني حقن جو معاملو آهي، رپورٽ ظاهر ڪري ٿي ته ملڪ ۾ قانون نالي ڪا شيءُ ناهي. جنهن کي جيڪو وڻي سو پيو ڪري. ڇا اهي ڪم ڪنهن مهذب سماج ۾ ڪيا ويندا آهن؟ هر گم ٿيل شخص جيڪو بازياب ٿئي ٿو اچي ۽ چوي ٿو ته مان ڪيس جي پيروي ڪرڻ نٿو چاهيان. هن نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجو مائينڊ ٻڌائي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن گم ٿيل ماڻهو آزاد نه ٿيا ته وزيراعظم ۽ توهان خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين، پوءِ توهان کي ۽ وزيراعظم کي گهر وڃڻو پوندو. سرفراز بگٽي چيو ته پاڻمرادي طور گم ٿيڻ، جبري گمشدگي ۽ مسنگ پرسن ۾ فرق آهي، زال سان جهيڙو ڪري ويندڙن جا گهر ڀاتي به ڪميشن ۾ ڪيس ڏيندا آهن پر ڪيس ٽو ڪيس جاچ ڪنداسين ۽ گم ٿيلن جي وارثن کي کاڌي تي دعوت ڏئي هر ڪنهن جي ڳالهه ٻڌنداسين.  جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اڄ 22هين ٻڌڻي آهي، اوهان سمورن ادارن کي گهرائي پڇا ڪرڻ گهرجي ها، جبري گمشدگين جي ڪيسن ۾ ماڻهو اوهان جي ئي ادارن وٽ آهن، هڪ مخصوص اداري تي الزام آهي ۽ جاچ به انهن کي ڪرڻي آهي، بچاءَ واري سيڪريٽري جي ذميواري آهي ته سندس ادارا اهڙي ڪنهن ڪم ۾ ملوث ناهن. جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ان معاملي تي بچاءَ واري سيڪريٽري کي هدايتون جاري ڪيو ۽ ماتحت ادارن کي گهرائي پڇو. پوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي 10 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته عدالت وزيراعظم سميت بچاءَ واري وزير ۽ گهرو وزير کي به ڪالهه طلب ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.