وڏي وزير پاران سول اسپتال حيدرآباد ۾ گندگي ۽ دوائن جي کوٽ تي ڪاوڙ، ڦليلي تي پل اڏڻ جو حڪم

حيدرآباد(رپورٽر) نگران سنڌ جي وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پنهنجي ٻن ڏينهن واري حيدرآباد جي دوري جي ٻئي ڏهاڙي جي شروعات سول اسپتال حيدرآباد جو تفصيلي دورو ڪري ڪئي، موجود مريضن سان ملاقات ڪئي، هن مرد ۽ عورت ڊائيلاسسز يونٽ جو معائنو ڪيو، جتي بيڊز ۽ واش رومز گندا هجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. کيس ٻڌايو ويو ته سول اسپتال جي ليٿوٽريپسي مشين خراب ٿي وئي آهي، وڏي وزير 6 آپريشن ٿيٽرن ۾ ڪو آپريشن نه ٿيڻ  ۽ سرجري شيڊول  نه هئڻ تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جڏهن ته لسٽ ۾ مريض ويٽنگ تي آهن ته سرجري ٿيڻ گهرجي ها، ايمرجنسي وارڊ ۽ اسپتال جي فارميسي ۾ صفائي جي ناقص انتظام تي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر شاهد جوڻيجو تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي ٻن عورتن دوائون نه ملڻ جي شڪايت ڪئي جنهن تي وڏي وزير عورتن کي ترت دوائون ڏياريون. هن چيف انجنيئر سول اسپتال حيدرآباد جي ميڊيڪل يونٽ فور جي خسته حال عمارت جي ترت مرمت ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وڏي وزير سول اسپتال جي مرڪزي فارميسي ۽ ميڊيڪل اسٽور جو معائنو ڪيو، جتي نانگ جي ڏنگ کان بچاءُ جون دوائون موجود نه هيون، پر بيلنس ۾ 10 هيون، جڏهن ته بلڊ پريشر جون دوائون پڻ اسٽور تي موجود نه هيون. ان کان علاوه وڏي وزير معائنو ڪيو ته فارميسي ۾ ڊاڪيومينشن به نه آهي، جنهن جي ڊي جي هيلٿ کي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. بعد ۾ وڏي وزير گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي ڪاري موري جو دورو ڪيو، ڪاليج سامهون ڦليلي ڪينال تي ريٽنگ وال 15 ڏينهن ۾ تعمير ڪرڻ حو حڪم ڏنو. وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته ڪاليج 1917ع ۾ قائم ڪيو ويو، جيڪو برصغير جي ورهاست بعد ڪاليج آف ٽرسٽيز هجرت ڪري ويو،  جنهن بعد سنڌ حڪومت 21 جون 1948ع ۾ ڪاليج جو انتظام سنڀاليو، جيڪو ان وقت 64  ايڪڙن تي مشتمل هو، پر هاڻي فقط 22 ايڪڙ زمين تي رهيو آهي، يونيورسٽي ڪاليج جي اسپتال ڪنهن ٻئي اداري جي قبضي ۾ آهي، جنهن کي خالي ڪرايو وڃي، جنهن تي وڏي وزير ڪمشنر حيدرآباد کي هدايت ڪئي ته اها اسپتال ڪاليج جي حوالي ڪرائين، بعد ۾ وڏي وزير ڀائي دلداس مولچند لائبريري جو به دورو ڪيو هٽڙي پوليس اسٽيشن جي دوري دوران هن ٿاڻي ۾ پيل مختلف ڪيسن جي پراپرٽي ۽ گاڏين جو معائنو ڪندي چيو ته انهن کي اس ۾ تباهه نه ڪيو وڃي وڏي وزير گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي جي هنڌ تي ڦليلي ڪينال تي پل اڏڻ جي هدايت ڪئي  بعد ۾ وڏي وزير قدم گاهه مولا علي تي حاضري ڀري قدم گاهه مولاعلي جي زيارت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.