ٿائلينڊ جي چيف محتسب جي آمد، صوبائي محتسب سنڌ جي آفيس جو دورو

ڪراچي ( رپورٽر ) صوبائي محتسب سنڌ اعجاز علي خان جي دعوت تي ٿائلينڊ جي چيف محتسب ۽ ايشين ريجن انٽرنيشنل اومبڊسمين انسٽيٽيوٽ  جي صدر جناب سومسڪ سوانسوجريٽ ۽ سندس زال محترمه نيپا سوانسوجريٽ، صدر ريونگ صوبه ريڊ ڪراس چيپٽر ٿائلينڊ، صوبائي محتسب سنڌ جي آفيس جو دورو ڪيو. پنهنجي دوري دوران معزز مهمان محتسب جي آفيس جي لان ۾ کجين جو وڻ پوکيو، آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي آفيسن ۾ شڪايتن جي حل/جاچ عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن دوران سنڌ محتسب جي ڪم جي باري ۾ هڪ پريزنٽيشن ڏني وئي، جنهن دوران معزز مهمانن سنڌ محتسب کي شيلڊون ۽ سووينئر پيش ڪيا.  ان کان علاوه ٿائيلينڊ جو چيف محتسب ۽ سندس زال باباءِ قوم کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ان جي مزار تي حاضري ڏيندا.

ايف بي آر سڄي ملڪ ۾ پي آءِ اي جا اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سڄي ملڪ ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جا اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا. پي آءِ اي  جون ڏکيائيون وڌي ويون، ايف بي آر سڄي ملڪ ۾ پي آءِ اي جا اڪائونٽ منجمد ڪري ڇڏيا. ذريعن موجب پي آءِ اي کي مجموعي طور تي ساڍا 4 ارب رپيا ادائيگي ڪرڻي آهي، پي آءِ اي فيبروري کان وٺي هيل تائين ريٽرن فائل ناهن ڪيا، ٽربيونل جي آرڊر تي 2 ارب 70 ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻا آهن پر ادائيگي نه هجڻ تي اڪائونٽ منجمد ڪيا ويا آهن. ان کانسواءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس او به پي آءِ اي جي جهازن کي ٻارڻ بند جي ڌمڪي ڏني آهي، پي ايس او 1.5 ارب رپين جي فوري طور ادائيگي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.