حيدر آباد(رپورٽر) سنڌ ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي زراعت کي نقصان رسايو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي جاري ڪيل پيل پريس بيان ۾ ڪيو هن چيو ته سنڌ جي زراعت تباھ ٿيندي پئي وڃي، هن وقت سنڌ ۾ ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو ٿيڻ وارو عمل انتهائي افسوسناڪ آهي. سنڌ حڪومت ۽ ڪامورن کي فوري طور ڀاڻ جي سستي اگهه تي مهيا ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. سنڌ ترقي پسند پارٽي سڄي سنڌ ۾ آبادگارن پاران ٿيندڙ ڀاڻ جي کوٽ خلاف احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪري ٿي. جيڪڏهن سنڌ مان زرعي ڀاڻ جي کوٽ جلد ختم نه ڪئي وئي ته ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.