يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران ڀاڻ کوٽ خلاف ڌرڻي جو اعلان

نوشهروفيروز ( ڊ ر) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي سڄي سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف جمعي جي ڏينهن ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي  ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپسن سنڌو نواز گھانگھرو حمز علي چانڊيو، نويد راڄپر، شان علي کوسو، اسد چانڊيو ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرس ڪندي چيو آھي ته نوشهروفيروز سميت سڄي سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ  پيدا ڪئي وئي آهي، ڪڻڪ جي پوکي جي وقت ڀاڻ گم ۽ ذخيرو ڪري آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي، ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ سبب سڄي سنڌ ۾ ڪڻڪ جو فصل متاثر ٿيڻ ۽ اڳتي هلي ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، ھن  چيو ته محرابپور ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين حاجي جاويد ميمڻ ۽ سندس ڀائر مختيار ميمڻ، امتياز ميمڻ  سڄي سنڌ اندر ڀاڻ سپلا ڪرڻ جا وڏي ۾ وڏا ڊيلر آھن، جن نوشهروفيروز اندر ڪجهه ڊيلرن سان ملي سڄي ضلعي ۾ هٿرادو بحران پيدا ڪري بليڪ مارڪيٽنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.