شڪارپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، 2 واٽهڙو زخمي

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) شڪارپور جي اسٽور گنج ٿاڻي جي حد سڪپل واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ محمد بخش عرف مامل بروهي ۽ فرمان چنو شامل آهن. فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه واٽهڙا اشوڪ ڪمار ۽ جوگيش ڪمار زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي مقتولن جا مڙهه اسپتال آندا جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. مقتولن جي وراثن جو چوڻ ھو ته سندراڻي برادري سان زمين جي مالڪي تان جهيڙو هلندڙ آهي، هوڏانهن ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر عمران خان جو چوڻ آهي ته ڪجهه مهينا اڳ ڦر مزاحمت تي بروهي برادري جي ماڻهن مزاحمت تي سندراڻي برادري جي هڪ هٿياربند کي ماريو هو جنهن جي پلاند ۾ سندراڻي برادري جي هٿياربندن حملو ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو آهي. قاتلن جي گرفتارين لاءِ پوليس ٽيمون جوڙيون آهن جلد کين گرفتار ڪنداسين.آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.