حيدرآباد ( پ ر ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي بدران امداد جي نالي تي اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي. ٻوڏ سبب سنڌ جا ماڻھو معاشي طور پٺتي پئجي ويا آھن. اياز لطيف پليجو چيو ته ٻوڏ سبب لکين متاثرن جا گھر تباهه ٿي ويا جڏهن ته مال مري ويو ۽ فصل ٻڏي ويا. پ پ حڪومت متاثرن جي بحالي نه ڪري سگھي آھي. هن چيو ته ڊجيٽل آدمشماري ۾ انھن متاثرن جي ڳڻپ نه ٿي سگھي. لکين ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪيو وڃي ھا ته اھي معاشي طور پيرن تي بيھي وڃن ھا. اياز لطيف پليجي چيو ته قبيلائي جھيڙا ۽ بدامني ناسور بڻجي ويا آھن. جيڪي ماڻھو اغوا ٿين ٿا اھي ڀنگ ڀري بازياب ٿين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪومتي وڏيرا ڏوھارين جا سرپرست بڻيل آھن. منشيات جو زھر نوجوانن ۽ ٻارن کي تباھه ڪري رھيو آھي. سنڌ جا ماڻھو امداد جي آسري بدران پنھنجي پيرن تي بيھن، نوجوان ھنر سکن ۽ ڪراچي سميت وڏن شھرن ۾ اچي ڪاروبار ڪن. اياز لطيف پليجي چيو ته مھانگائي اڃا وڌندي. حڪمرانن جون معاشي پاليسيون عوام دوست ناھن. ايندر اليڪشن ۾ ڪرپٽ ماڻھن کي رد ڪيو وڃي.