اوٻاوڙو/ گهوٽڪي ( رپورٽ عبدالحئي ڇڄڻ/بشير ملڪ/آزاد مهر) رائونتي ڀرسان پنجاب جي ماچڪو ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھارين جي ٽن ٽولن پاران سولنگي برادري جي ڳوٺ ۽ ڪمند تي ڪم ڪندڙ پورهيتن تي حملوڪري بندوقن جا منھن کولي ڇڏيا، جديد ھٿيارن سان ڪيترائي ڪلاڪ ڏوھارين طرفان فائرنگ ڪئي وئي، ڏوھارين جي فائرنگ ۾ ھڪ واٽھڙو عورت حميدا سيلرو سميت پنج ڳوٺاڻا شعبان سولنگي، پرويز سولنگي، حفيظ سولنگي، شھزادو سولنگي ۽ سرور سولنگيءَ مارجي ويا، حملي جي اطلاع تي پنجاب جي رحيم يار خان پوليس جا اٽالا ماچڪو ٿاڻي جي حد ڳوٺ حسين سولنگي پھتا. پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رھيو، علائقي ۾ ڏھڪاءَ سبب ماڻھو گھرن تائين محدود رھيا ، جڏھن ته پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ فائرنگ سبب پنجاب پوليس جا ٽي اھلڪار قاسم، ارشاد ۽ اي پي سي ڊرائيور محمد سرور مارجي ويا ۽ ٻه پوليس اھلڪار زخمي پڻ ٿي پيا، جڏھن ته پنجاب پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڏوھارين ٽولي جا چار ڏوھاري مارجي ويا ، مارجي ويل ڏوھارين ۾ بدنام ڏوھاري عمرو شر، رحم علي شر ، لالو سيلرو ۽ ڪمون ڪوش شامل آهن، جڏھن ته مارجي ويل ڏوھارين جا لاش ساٿي پاڻ سان گڏ کڻي ويا جڏھن ته پوليس اھلڪارن جي مڙھن ۽ ڳوٺاڻن جي لاشن کي رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو.