ڏينهن ۾ 24 ڪلاڪ ۽ ڪلاڪ ۾ 60 منٽ ڇو هوندا آهن؟

جيڪڏهن اوهان پڇيو وڃي ته هڪ ڏينهن ۾ ڪيترا ڪلاڪ هوندا آهن ته يقينن ان جواب 24 ڪلاڪ هوندو.
پر ڪيئن ڏينهن کي 24 ڪلاڪن ۾ ورهايو ويو ۽ هر ڪلاڪ ۾ 60 منٽ جڏهن ته هر منٽ ۾ 60 سيڪنڊ ڇو شامل ڪيا ويا؟
ڇا اوهان کي ان جو ڪو اندازو آهي؟
ظاهري طور تي ائين قديم مصر ۽ بابل تهذيب جي ڪري ٿيو.
قديم مصر ۾ ڏينهن کي 24 حصن يا ڪلاڪن ۾ ورهايو ويو هو ۽ وقت جو تعين ڪرڻ لاءِ آسمان تي سج جي پوزيشن کي نظر ۾ رکيو ويندو هو.
ان سسٽم کي هاڻي سن ڊائل جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ جيتوڻيڪ رات جو سن ڊائل سسٽم ڪم نٿو ڪري تنهنڪري اهو ضروري هو ته منجهند ۽ اڌ رات جو تعين ڪرڻو هجي ته ان لاءِ اي ايم ۽ پي ايم جهڙي اصطلاح استعمال ڪئي وئي (پر ان وقت ان کي ڪجهه ٻيو چيو ويندو هو).
ائين تصور ڪيو ويندو آهي ته قديم مصرين ڏينهن ۽ رات کي 12،12 ڪلاڪن ۾ ورهايو ويو هو، ۽ اهو خيال کين هر سال 12 نوان چنڊ نظر اچڻ سان آيو.
پر هڪ دلچسپ تصور اهو به آهي ته هٿن جي آڱرين (آڱوٺو شامل ناهي) جا 12 جوڙ ان جي پٺيان لڪيل آهن.
پر اهو واضح آهي ته هنن ڏينهن جو وقت 24 ڪلاڪ رکيو هو.
ان سسٽم ۾ گرمين جي موسم ۾ ڏينهن جي روشني جو هڪ ڪلاڪ سياري جي موسم جي ڀيٽ ۾ ڊگھو هوندو هو.
قديم مصر کان پوءِ قديم روم ۾ اي ايم ۽ پي ايم جي نظام کي اختيار ڪيو ويو هو ۽ ان موجب 12،12 ڪلاڪن جا ٻه گروپ بڻيا، يعني 12 ڪلاڪ ڏينهن ۽ 12 ڪلاڪن رات جا.
اي ايم لاطيني جملي ante meridiem جو مخفف آهي جنهن جو مطلب آهي ٻيپهري کان اڳ يا بي فور نون.
پي ايم جي ڳالهه ڪئي وڃي ته اهو لاطيني جملي post meridiem جو مخفف آهي جنهن جو مطالب منجهند کان پوءِ يا آفٽر نون آهي.
جيتري تائين هڪ ڪلاڪ ۾ 60 منٽ ۽ هڪ منٽ ۾ 60 جي ڳالهه آهي ته ائين 3800 سال اڳ بابل تهذيب جي ڪري ٿيو.
ان جو سبب ته خبر ناهي پر اتي رهندڙن sexagesimal system لاءِ 60 جي نمبرز کي اپنايو هو.
صدين کان پوءِ قديم يونان ۾ ان تصور کي اختيار ڪيو ويو ۽ ان کي وقت بدران دائري کي ورهائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو.
Hipparchus ان ورڇ کي 360 ڊگري لاءِ اپنايو ۽ 150 عيسوي ۾ Ptolemy هر ڊگري کي 60 ننڍن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو، جنهن لاءِ partae minutae primae جي اصطلاح استعمال ٿي ۽ ان مان انگريزي لفظ منٽ به نڪتل آهي.
هر منٽ کي وڌيڪ 60 ننڍن حصن ۾ ورهايو ويو جنهن لاءِ partae minutae secundae جي اصطلاح استعمال ٿي ۽ اهو سيڪنڊ لفظ ان مان نڪتو.
ان دور کان sexagesimal system کي مختلف مقصدن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي پر 16 هين صدي ۾ گهڙين ۾ منٽ کي ڏيکارڻ جو سلسلو شروع ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.