ورلڊ ڪپ فائنل ۾ ڀارت جي هار،7 ڪشميري شاگرد گرفتار، دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل

سري نگر ( ويب ڊيسڪ )آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023 جي فائنل ۾ ڀارت جي آسٽريليا هٿيان شڪست تي جشن ملهائڻ ۽ غير ڪشميري شاگردن کي هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ والاريل ڪشمير جي گاندربل ضلعي ۾ ويٽرنري ڪاليج جي هاسٽل مان ست شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گرفتار شاگردن تي دهشتگردي ٽوڙ جي نئين قانون اي پي اي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ان کانسواءِ سندن خلاف انڊين پئنل ڪوڊ جي شق 505 تحت به ڪارروائي ٿيندي، هي شق فرقيوارڻي تشدد تي ڀرڪائڻ ۽ مخالف فرقن کي هراسان ڪرڻ بابت آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، مقامي پوليس ڪاليج ۾ پڙهندڙ پنجاب سان واسطو رکندڙ شاگردن جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي.
واضح رهي ته هي پهريون واقعو نه آهي پر نئين دهلي جي جامعه مليه اسلاميا يونيورسٽيءَ ۾ به اهڙي قسم جي هڪ واقعي ۾ ٻن ڪشميري شاگردن کي هاسٽل مان نيڪالي ڏني وئي هئي، مٿن ورلڊ ڪپ فائنل جي پڄاڻي تي آسٽريليا جي فتح تي آتشبازي ڪرڻ جو الزام هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.