ٻين عورتن سان لاڳاپا رکڻ تي عورت مڙس کي گيلري تان ڌِڪو ڏئي ڇڏيو

استنبول (ويب ڊيسڪ) ترڪي ۾ عورت پنهنجي مڙس کي ٻين عورتن سان لاڳاپا رکڻ تي گيلري کان هيٺ ڦٽو ڪري ڇڏيو.
ميڊيا جي رپورٽ موجب اهو واقعو ترڪيه جي رياست بورصه ۾ پيش آيو جتي عورت پنهنجي مڙس کي ٻين عورتن سان لاڳاپا رکڻ تي پهريان گيلري کان هيٺ ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ڇري جا وار ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
رپورٽ موجب گيلري کان هيٺ ڪرڻ سبب ان شخص جي مٿي، پيرن ۽ هٿن تي گھرا زخمي رسيا جنهن کان پوءِ پاڙيسرين کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو.
پر هاڻي متاثر شخص جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي، پاڙيسرين ٻڌايو ته پهريان کين فليٽ مان جهيڙي جو آواز اچي رهيو هو ۽ پوءِ ڪنهن شيءِ جي ڪرڻ جو زوردار آواز آيو، ٻاهر ڏٺو ته هڪ شخص زمين تي ڪريل پيو آهي.
ان سڄي واقعي جي وڊيو هڪ پاڙيسري پنهنجي ڪيمرا ۾ قيد ڪري ورتي جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته زال ڇرو کڻي پنهنجي مڙس وٽ موجود آهي ۽ کيس مارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر پاڙيسرين ٿڏي تي پهچي همراهه کي بچائي ورتو.
پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي، ٻي پاسي گردش ڪندڙ وڊيو سبب سوشل ميڊيا نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ گھڻا ماڻهو ان واقعي تي صدمي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.