نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪ جي تمڪور شهر ۾ حيانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو آهي، جنهن کان پوءِ هر پاسي سوڳ پکڙجي ويو، آچر جي رات هڪ ئي خاندان جا پنجن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا ۽ چيو پيو وڃي ته ڄاڻايل ماڻهن مالي پريشاني ۽ مبينا ذهني اذيت سبب پنهنجي پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب غريب شخص ۽ سندس زال سميه جا ڪمري جي ڇت ۾ ٽنگيل لاش هٿ ڪيا ويا جڏهن سندن ٽن ٻارن جا لاش به بستري تي پيل هئا.
پوليس جو ان حوالي سان چوڻ هو ته غريب شخص ڪباب جو دڪان هلائيندو هو جنهن ۾ کيس نقصان ٿي رهيو هو آپگهات کان اڳ هن آپگهات کان اڳ هڪ نوٽ لکيو ۽ وڊيو به رڪارڊ ڪئي، جنهن هن پنهنجي پريشاني جو ذڪر ڪيو.
وڊيو ۾ هن ڪرناٽڪ جي گھرو وزير کي مخاطب ڪندي چيو0 ته قلندر نالي شخص کيس ڪيترائي ڀيرا هراسان ڪيو، جڏهن ته بدسلوڪي ۽ تذليل به ڪئي.
هڪ منٽ جي وڊيو ۾ کيس اهو چوندي ٻڌي سگھجي ٿو ته ”قلندر اسان بابت غلط افواهه پکيڙيا ۽ اسان جي گھر ٻاهران ڪيترائي ڀيرا جهيڙو ڪيو، قلندر ۽ سندس گھر وارا اسان جي موت جا ذميوار آهن“.
پوليس موجب اطلاع مليو ته گھر ۾ پنج لاش موجود آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويوآهي، جڏهن ته مقتول جي خاندان جي آپگهات جي حوالي سان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
Prev Post
You might also like