لاهور (م ڊ) عمران خان انٽرا پارٽي چونڊن ۾ چيئرمين جو اميدوار نه هوندو. ذريعن موجب عمران خان جيل مان پارٽي جي ڪور ڪميٽي کي پيغام پهچائي ڇڏيو ۽ هو انٽرا پارٽي چونڊن ۾ چيئرمين جو اميدوار نه هوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته توشا خانا ڪيس ۾ سزا سبب انٽرا پارٽي چونڊن ۾ چيئرمين طور نئون اميدوار هوندو ۽ انٽرا پارٽي چونڊن ۾ ٻيو ميمبر چيئرمين طور چونڊيو ويندو. ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي پارٽي چيئرمين، نائب چيئرمين ۽ تنظيمي عهدن تي چونڊون ٿينديون، پي ٽي آءِ چيئرمين پارٽي جي تنظيمي معاملن ۽ فيصلن جي منظوري پاڻ ڏيندو. پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته سزا ختم ٿيڻ تي ٻيهر عمران خان چيئرمين جي حيثيت سان انٽرا پارٽي چونڊن ۾ حصو وٺي سگهندو، جڏهن ته نئين چيئرمين جي نالي جو فيصلو پاڻ عمران خان ڪندو، ان کانسواءِ پارٽي ۾ نئين شموليت ۽ ٽڪيٽن جا سڀ فيصلا پي ٽي آءِ چيئرمين ڪندو. عمران خان جي وڪيل شير افضل مروت پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان انٽرا پارٽي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تحت تحريڪ انصاف جون انٽرا پارٽي چونڊون جمعي تي ٿينديون.