اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ بئريسٽر گوهر خان کي پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين نامزد ڪرڻ جو امڪان آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پارٽي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ انٽرا پارٽي چونڊن ۾ چيئرمين شپ جو اميدوار نه هوندو.ذريعن موجب عمران خان جيل مان پارٽي جي ڪور ڪميٽي کي پيغام پهچايو.ذريعن جو چوڻ آهي ته توشه خانه ڪيس ۾ سزا ملڻ سبب انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ چيئرمين لاءِ نئون اميدوار هوندو ۽ انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ ٻيو ميمبر چيئرمين طور چونڊيو ويندو.