لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي نائب صدر شير افضل مروت چيو آهي ته عمران خان پارٽي اليڪشن نه وڙهندو ۽ پنهنجي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي پارٽي چيئرمين شپ لاءِ نامزد ڪندو پر پي ٽي آءِ ۽ شعيب شاهين ان جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ پارٽي ۾ ڏڦيڙ جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته توشا خانا ڪيس جي فيصلي سبب نااهلي کي ڏسندي خان صاحب آئيني ۽ قانوني طور تي پارٽي جي آفيس جي چيئرمين شپ جي چونڊ نه وڙهي سگهندو. هن چيو خان صاحب اهو فيصلو پاڻ ڪيو آهي ۽ اهو فيصلو اتفاق راءِ سان ٿيو آهي، جيئن ئي عدالت طرفان نااهليت جو فيصلو ختم ٿيندو ته خان صاحب ٻيهر چيئرمين شپ سنڀاليندو. هوڏانهن پي ٽي آءِ طرفان ان بيان جي ترديد ڪئي وئي آهي، شعيب شاهين سان گڏ پي ٽي آءِ جي آفيشل ٽوئيٽر هينڊل به ان جي ترديد ڪئي ۽ چيو ته اڃا تائين اهڙو ڪو فيصلو ناهي ٿيو ۽ جمعي تي عمران خان ان معاملي تي جيڪو به فيصلو هوندو ان جو اعلان ڪندو.